Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 7:18 - Muslim Sindhi Bible

18 تڏهن دائود بادشاهہ خيمي اندر لنگھي وڃي عهد واري صندوق وٽ خداوند جي حضور ۾ ويٺو ۽ هي دعا گھري چوڻ لڳو تہ ”اي خداوند خدا! تو مون کي جنهن درجي تي آندو آهي، آءٌ انهيءَ جي لائق ناهيان، نہ ئي وري منهنجو خاندان انهيءَ لائق آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 تڏهن دائود بادشاهہ اندر لنگهي ويو، ۽ خداوند جي حضور ۾ وڃي ويٺو؛ ۽ چوڻ لڳو تہ اي خداوند خدا، آءٌ ڪير آهيان، ۽ منهنجو گهراڻو ڇا آهي جو تو مون کي هن درجي تائين آندو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 7:18
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو جيڪا هيڏي ساري وفا ۽ شفقت پنهنجي ٻانهي تي ڪئي آهي، آءٌ تہ انهيءَ جي ذري جو بہ لائق نہ آهيان، ڇو تہ جڏهن آءٌ اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر ويو هئس تہ مون وٽ رڳو منهنجي لٺ هئي، پر هاڻ تہ مون وٽ ٻہ ٽولا ٿي ويا آهن.


آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي منهنجي ڀاءُ عيسوءَ جي چنبن کان بچاءِ، ڇو تہ آءٌ ڊڄان ٿو تہ متان هو اچي اسان سڀني کي ٻارن ۽ سندن مائرن سميت ماري وجھي.


مون دائود جي گھراڻي جي بادشاهي خداوند آڏو اهڙي ئي آهي، ڇاڪاڻ تہ هن مون سان دائمي عهد ٻڌو آهي. هائو، اهڙو عهد ٻڌو اٿس جيڪو هر ڳالهہ ۾ مڪمل، مستحڪم ۽ محفوظ آهي. سو منهنجو مڪمل بچاءُ ۽ منهنجي پوري مراد اهو ئي آهي، ۽ بيشڪ خداوند اهو عهد پورو ڪندو.


سو ناتن اهي سموريون ڳالهيون ۽ اهو سڄو الهام دائود کي بيان ڪري ٻڌايو.


تڏهن دائود بادشاهہ خيمي اندر لنگھي وڃي عهد واري صندوق وٽ خداوند جي حضور ۾ ويٺو ۽ دعا گھرندي چوڻ لڳو تہ ”اي خداوند خدا! تو مون کي جنهن درجي تي آندو آهي، آءٌ انهيءَ جي لائق ناهيان، نہ ئي وري منهنجو خاندان انهيءَ لائق آهي.


آءٌ ڪير آهيان ۽ منهنجي قوم ڪير آهي جو اسين هيترو سارو نذرانو ڏيئي سگھون؟ هر ڪا شيءِ تو وٽان ئي ملي ٿي ۽ تو کان ئي مليل شين مان اسان تو کي ڏنو آهي.


تڏهن آءٌ سوچيان ٿو تہ انسان ڇا آهي جو تون ان جي يادگيري ڪرين؟ يا آدمزاد ڇا آهي جنهن جي تون سار سنڀار لهين؟


پر موسيٰ خدا کي چيو تہ ”آءٌ ڪير ٿيندو آهيان جو فرعون وٽ وڃان ۽ بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي اچان؟“


قاصدن اهو خط حزقياہ کي آڻي ڏنو ۽ هُن اهو پڙهيو. پوءِ حزقياہ هيڪل ۾ ويو ۽ اهو خط خداوند جي آڏو کولي رکيائين.


جيتوڻيڪ آءٌ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن منجھہ سڀني کان گھٽ آهيان، تنهن هوندي بہ خدا اهو فضل مون کي عطا ڪيو تہ آءٌ غير قومن کي مسيح جي بي‌انداز دولت جي خوشخبري ٻڌايان


جِدعون وراڻيو تہ ”اي سائين! آءٌ بني اسرائيل کي ڪيئن ڇڏايان؟ منسي قبيلي ۾ منهنجو خاندان بلڪل خسيس آهي ۽ آءٌ پنهنجي ڪٽنب ۾ ڪمتر ڀاتي آهيان.“


تڏهن رُوت منهن ڀر جھڪي کيس تعظيم ڏيئي چيو تہ ”جڏهن تہ آءٌ ڌاري آهيان تہ پوءِ ڪهڙي سبب توهان مون تي مهربانيءَ جي نظر ڪئي آهي، جو منهنجي ايتري سار لڌي اٿوَ؟“


سموئيل چيس تہ ”جيتوڻيڪ تون پنهنجيءَ ئي نظر ۾ تمام خسيس هئين، تڏهن بہ ڇا تو کي بني اسرائيل جي قبيلن جو اڳواڻ مقرر نہ ڪيو ويو؟ بلڪ خداوند تو کي چونڊي مسح ڪرائي بني اسرائيل جي مٿان بادشاهہ بڻايو.


دائود سائول کي وراڻيو تہ ”آءٌ ڪير آهيان ۽ منهنجي پيءُ جو گھراڻو بني اسرائيل ۾ ڪهڙي حيثيت ٿو رکي جو آءٌ بادشاهہ جو ناٺي ٿيان؟“


پر سائول ورندي ڏنس تہ ”ڇا آءٌ اسرائيل جي سڀ کان ننڍي قبيلي بنيامين جو ناهيان؟ پر منهنجو گھراڻو تہ بنيامين قبيلي جي ٻين سڀني گھراڻن کان بہ ننڍو آهي، پوءِ اوهان مون سان اهڙي ڳالهہ ڪيئن ٿا ڪريو؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ