Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 6:7 - Muslim Sindhi Bible

7 تڏهن خداوند عُزہ تي بيحد ڪاوڙيو ۽ صندوق جي انهيءَ بي‌حرمتيءَ ڪرڻ ڪري خدا اتي ئي کيس ماري ڇڏيو. سو هو خدا جي عهد واري صندوق جي ڀرسان مري ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ خداوند جي ڪاوڙ عزہ تي ڀڙڪي؛ ۽ خدا اتي ئي هن کي سندس قصور ڪري ماري وڌو، ۽ هو صندوق جي ڀرسان مري ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 6:7
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود انهيءَ ڳالهہ جي ڪري سخت ڪاوڙيو، ڇاڪاڻ تہ خداوند عُزہ کي ماري ڇڏيو. انهيءَ ڪري هن انهيءَ هنڌ جو نالو پرض‌عُزہ رکيو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين سڏبو پيو اچي.


تڏهن خداوند جي ڪاوڙ عُزہ تي اچي ڪڙڪي ۽ صندوق کي هٿ لائڻ جي ڪري خدا اتي ئي کيس ماري ڇڏيو. سو هو خدا جي عهد واري صندوق جي ڀرسان مري ويو.


اڳئين ڀيري جڏهن اوهان پاڻ انهيءَ کي نہ کنيو هو، تڏهن خداوند اسان جو خدا اسان تي ڏمريو هو، ڇاڪاڻ تہ اسان کانئس پڇا ڪانہ ڪئي هئي تہ اها ڪهڙيءَ طرح کڻي هلون.“


پوءِ دائود چيو تہ ”لاوين کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا جي عهد واري صندوق نہ کڻي اچي، ڇاڪاڻ تہ اهي لاوي ئي آهن جن کي خداوند پنهنجي عهد واري صندوق کڻڻ ۽ هميشہ تائين انهيءَ جي خدمت ڪرڻ لاءِ چونڊيو هو.“


جڏهن مقدس خيمو اڳتي وڃڻو هجي تہ لاوي انهيءَ کي لاهين ۽ وري جڏهن کڙو ڪرڻو هجي تہ اهي ئي کڙو ڪن. جيڪو بہ ٻيو ماڻهو انهيءَ جي ويجھو ايندو، سو ماريو ويندو.


جڏهن هارون ۽ سندس پٽ مقدس خيمي جي سڄي سامان کي ڍڪي بس ڪن ۽ منزل کڻي هلڻ جو وقت اچي، تڏهن بني قهات اهو سامان کڻڻ لاءِ اچن. پر هو انهن پاڪ شين کي نہ ڇهن، تہ جيئن مري نہ پون. مون خدا سان ملاقات واري خيمي جون اهي شيون کڻي هلڻ جي ذميواري بني قهات جي ئي آهي.


اٽڪل ڏهن ڏينهن کان پوءِ نابال تي خداوند جو غضب نازل ٿيو ۽ هو مري ويو.


خداوند بيت‌شمس جي ستر ماڻهن کي ماري ڇڏيو، انهيءَ لاءِ جو هنن خداوند جي عهد واري صندوق اندر نهاريو هو. سو ماڻهن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو، ڇو تہ خداوند منجھن تباهي آڻي کين ماريو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ