Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 6:18 - Muslim Sindhi Bible

18 جڏهن هن اهي قربانيون پيش ڪري بس ڪئي، تڏهن قادرِمطلق خداوند جي نالي سان ماڻهن کي دعا ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ۽ جڏهن دائود سوختني قرباني ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون چاڙهي بس ڪيون، تڏهن هن لشڪرن جي خداوند جي نالي سان ماڻهن کي برڪت ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 6:18
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن ابرام کي دعا ڪندي چيو تہ ”خدا تعاليٰ جيڪو زمين ۽ آسمان جو مالڪ آهي، تنهن جي تو تي برڪت هجي.


ان بعد هن بني اسرائيل قوم جي سڄي ميڙ ۾ کاڌو ورهايو ۽ مردن توڙي عورتن مان هر هڪ کي هڪ ماني، گوشت جو هڪڙو ٽڪر ۽ ڪشمش جي هڪ هڪ ٽڪي ڏني. پوءِ هر ڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي گھر ڏانهن هليو ويو.


انهيءَ دوران بني اسرائيل جي سڄي قوم اتي ئي بيٺي رهي. پوءِ بادشاهہ سليمان پٺتي ڦري ماڻهن ڏانهن نهاريو ۽ کين دعا ڪئي.


هن چيو تہ ”خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي واکاڻ هجي، جنهن پنهنجي زبان سان منهنجي پيءُ دائود سان ڪيل واعدو پورو ڪيو آهي، جو کيس چيو هئائين تہ


اُٿي بيهي هن وڏي آواز سان بني اسرائيل جي سڄيءَ قوم کي هنن لفظن سان دعا ڪئي تہ


جڏهن دائود قربانيون پيش ڪري چڪو، تڏهن هن خداوند جي نالي سان ماڻهن کي دعا ڪئي.


تنهن کان پوءِ ڪاهنن ۽ لاوين اُٿي بيهي ماڻهن لاءِ دعا گھري. سندن دعا خدا جي عرش عظيم تائين وڃي پهتي ۽ خدا انهن جي دعا قبول ڪئي.


جڏهن بادشاهہ حزقياہ ۽ سندس عملدارن اچي اهو ڏٺو، تڏهن خداوند جي واکاڻ ڪيائون ۽ بني اسرائيل قوم کي دعا ڏنائون.


انهيءَ دوران بني اسرائيل جي سڄي قوم اتي ئي بيٺي رهي. پوءِ بادشاهہ انهن ماڻهن ڏانهن منهن ڦيري کين دعا ڪئي.


سو ڪو واٽهڙو بہ انهيءَ لڻندڙ کي نہ چوندو تہ ”خداوند جي تو تي برڪت هجي،“ يا وري هيئن تہ ”آءٌ تو کي خداوند جي نالي سان دعا ڏيان ٿو.“


موسيٰ انهيءَ سموري ڪم کي پنهنجيءَ نظر مان ڪڍيو ۽ ڏٺائين تہ هنن سڀ ڪجھہ خداوند جي حڪم مطابق ڪيو آهي، تڏهن کين دعا ڪيائين.


انهيءَ ڪري خدا پنهنجي ٻانهي عيسيٰ کي مخصوص ڪري پهريائين اسان يهودين ڏانهن موڪليو تہ جيئن هو اسان کي اها برڪت عطا ڪري جو اسين سڀني بڇڙاين کان منهن موڙي ڇڏيون.“


جڏهن يشوع انهن قبيلن کي واپس روانو ڪيو تڏهن کين دعا ڏنائين ۽ چيائين تہ ”هاڻي اوهان کي گھڻي دولت آهي، سو چوپايو مال، چاندي، سون، پتل، لوهہ ۽ ڪپڙا کڻي پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي وڃو. پنهنجي دشمنن وٽان هٿ آيل ڦر جي مال مان پنهنجي قوم وارن کي بہ وڃي حصو ڏجو.“ پوءِ يشوع هنن کي روانو ڪيو ۽ هو پنهنجن گھرن ڏانهن هليا ويا. بني منسيءَ جي هڪڙي اڌ قبيلي کي موسيٰ بسن ۾ زمين ڏني هئي ۽ ٻئي اڌ قبيلي کي يشوع اردن درياءَ جي اولهہ طرف ٻين بني اسرائيل جي ڀائرن سان گڏ زمين ڏني.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ