Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 6:17 - Muslim Sindhi Bible

17 پوءِ خداوند جي عهد واري صندوق کي اندر آڻي انهيءَ خيمي جي وچ ۾ سندس جاءِ تي رکيو ويو، جيڪو دائود انهيءَ جي لاءِ ئي کوڙيو هو. دائود خداوند جي حضور ۾ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ۽ هنن خداوند جي صندوق اندر آڻي جيڪو تنبو دائود انهيءَ جي لاءِ کوڙيو هو، تنهن جي وچ ۾ پنهنجي جاءِ تي رکي: پوءِ دائود خداوند جي اڳيان سوختني قربانيون، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 6:17
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بادشاهہ سليمان ۽ ساڻس گڏ بني اسرائيل جي سڄي قوم جيڪا وٽس عهد واري صندوق اڳيان گڏ ٿي هئي، تنهن ايتريون تہ رڍون، ٻڪريون ۽ ڏاند قرباني ڪيا جو گھڻائيءَ جي ڪري اُهي ڳڻڻ کان ٻاهر هئا.


دائود پنهنجي لاءِ ”دائود جي شهر“ ۾ گھر تعمير ڪرايا. هن خدا جي عهد واري صندوق لاءِ پڻ هڪڙي جاءِ تيار ڪرائي، جتي انهيءَ لاءِ هڪڙو تنبو کوڙايائين.


سو دائود بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو يروشلم ۾ سڏايا، تہ جيئن خداوند جي عهد واري صندوق کڻي اچي انهيءَ جاءِ تي رکن جيڪا هن انهيءَ لاءِ تيار ڪرائي هئي.


هنن خدا جي عهد واري صندوق اندر آڻي انهيءَ تنبوءَ جي وچ ۾ رکي، جيڪو دائود انهيءَ لاءِ کوڙيو هو. پوءِ هنن خدا جي حضور ۾ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪيون.


دائود بادشاهہ مقدس خيمي وٽ عهد واري صندوق جي پهچڻ کان پوءِ ٽي ماڻهو سازندن جا نگران مقرر ڪيا.


پر عهد واري صندوق يروشلم ۾ هڪڙي تنبوءَ ۾ رکيل هئي، جيڪو سليمان جي پيءُ دائود تڏهن کوڙيو هو جڏهن اها صندوق قريت‌يعريم مان آندي هئائين.


بادشاهہ سليمان ۽ وٽس گڏ ٿيل سڀني ماڻهن عهد واري صندوق جي اڳيان بيهي بي‌شمار رڍون ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا قربان ڪيا.


سو هاڻ اُٿ، اي خداوند! پنهنجي نئين آرام‌گاهہ ۾ هل، پنهنجي قدرت واري صندوق سان انهيءَ هيڪل ۾ داخل ٿيءُ.


هو سلامتيءَ واري قربانيءَ مان مون خداوند جي لاءِ هي شيون ساڙي پيش ڪري: انهيءَ جي چرٻي، سڄي دنب پٺ جي هڏي تائين جدا ڪيل، آنڊن ۽ اوجھريءَ جي مٿان چڙهيل چرٻي ۽ اها سموري چرٻي جنهن سان اهي ڍڪيل آهن،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ