Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 6:16 - Muslim Sindhi Bible

16 جيئن ئي خداوند جي عهد واري صندوق دائود جي شهر يروشلم ۾ آئي، تيئن ئي سائول جي ڌيءَ ميڪل دريءَ مان ٻاهر نهاريو ۽ جڏهن هن دائود بادشاهہ کي خداوند جي حضور ۾ نچندو ٽپندو ڏٺو تڏهن سندس دل ۾ هن لاءِ حقارت ٿيڻ لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ هيئن ٿيو تہ جيئن خداوند جي صندوق دائود جي شهر ۾ آئي تيئن سائول جي ڌيءَ ميڪل دريءَ مان ٻاهر نهاريو، ۽ دائود کي خداوند جي اڳيان نچندو ٽپندو ڏٺائين؛ انهيءَ ڪري سندس دل ۾ هن لاءِ حقارت پيدا ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 6:16
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ دائود اشبوست ڏانهن قاصدن هٿان چوائي موڪليو تہ ”مون کي منهنجي زال ميڪل پهچائي ڏي، جنهن سان آءٌ فلستين جي طهر جون سؤ کلڙيون ڏيئي پرڻيو هئس.“


انهيءَ هوندي بہ دائود صيئون جو اهو مضبوط قلعو يعني يروشلم قبضي ڪري ورتو، جيڪو بعد ۾ ”دائود جو شهر“ سڏجڻ لڳو.


اهڙيءَ طرح دائود ۽ سڄي بني اسرائيل جي ماڻهن خوشيءَ جا نعرا هڻندي ۽ نفيلون وڄائيندي خداوند جي صندوق آندي.


انهيءَ کان پوءِ دائود بہ پنهنجي گھر موٽيو تہ جيئن پنهنجي ڪٽنب جي سار سنڀال لهي. تڏهن سائول جي ڌيءَ ميڪل دائود سان ملڻ لاءِ ٻاهر نڪري آئي ۽ کيس چوڻ لڳي تہ ”بني اسرائيل جي بادشاهہ اڄ ڪهڙو نہ پنهنجو نالو ڪڍيو آهي، جو هن پاڻ کي پنهنجي نوڪرن جي ٻانهين جي اڳيان اگھاڙو ڪيو، جيئن ڪو خسيس ماڻهو بي‌شرم ٿي پاڻ کي اگھاڙو ڪري.“


جيئن ئي خداوند جي عهد واري صندوق دائود جي شهر ۾ داخل ٿي، تيئن ئي سائول جي ڌيءَ ميڪل دريءَ مان ٻاهر نهاريو ۽ جڏهن دائود بادشاهہ کي نچندو ٽپندو ڏٺائين تڏهن سندس دل ۾ هن لاءِ حقارت ٿيڻ لڳي.


اسان تي رحم ڪر اي خداوند! اسان تي پنهنجو رحم ڪر، ڇوجو حقارت سهي سهي اسين تنگ ٿي پيا آهيون.


انهيءَ سبب جو مون کي تنهنجي خاطر ايڏا طعنا هنيا ٿا وڃن، جو آءٌ شرم منجھہ ٻڏي ويو آهيان.


هو ماڻهن ۾ حقير ۽ رد ٿيل هو. هن جي زندگي ڏکن ۽ مشڪلاتن سان اهڙي تہ ڀريل هئي، جو اسان بہ ڏانهس ڏسڻ گوارا نہ ٿي ڪيو. هن کي ڌڪاريو ويو، ۽ اسان بہ سندس ڪو قدر نہ ڪيو.


پر انهن مان ڪي وري ٺٺوليون ڪندي چون پيا تہ ”اهي سڀ مئي جي نشي ۾ آهن.“


پر جنهن ماڻهوءَ کي پاڪ روح مليل نہ آهي، سو خدا جي پاڪ روح جون ڳالهيون قبول نہ ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ اهي هن جي نظر ۾ بي‌وقوفي آهن. هو انهن کي سمجھي نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ اهي پاڪ روح جي وسيلي ئي پرکي سگھجن ٿيون.


پوءِ سائول دائود کي چيو تہ ”ڏس، آءٌ پنهنجي وڏي ڌيءَ ميرب تو کي پرڻائي ٿو ڏيان. پر تون رڳو منهنجي لاءِ بهادريءَ جا ڪم ڪر ۽ خداوند لاءِ جنگيون وڙهندو رهہ.“ سائول سوچيو ٿي تہ ”دائود منهنجي هٿان نہ، پر ڀلي تہ هو فلستين جي هٿان ماريو وڃي.“


هوڏانهن سائول جي ٻي ڌيءَ ميڪل دائود سان محبت ڪندي هئي. جڏهن سائول کي اهو ٻڌايو ويو تہ کيس اها ڳالهہ پسند آئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ