Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 6:15 - Muslim Sindhi Bible

15 اهڙيءَ طرح دائود ۽ سڄي بني اسرائيل جي ماڻهن خوشيءَ جا نعرا هڻندي ۽ نفيلون وڄائيندي خداوند جي صندوق آندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 انهيءَ طرح دائود ۽ اسرائيل جي ساري گهراڻي خداوند جي صندوق نعرن هڻندي، ۽ قرنائيون وڄائيندي کڻي آندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 6:15
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود کي انهيءَ مهل سڻيءَ جو مذهبي وڳو پيل هو ۽ هو خداوند جي حضور ۾ پنهنجي سڄي طاقت سان نچندو پئي هليو.


جيئن ئي خداوند جي عهد واري صندوق دائود جي شهر يروشلم ۾ آئي، تيئن ئي سائول جي ڌيءَ ميڪل دريءَ مان ٻاهر نهاريو ۽ جڏهن هن دائود بادشاهہ کي خداوند جي حضور ۾ نچندو ٽپندو ڏٺو تڏهن سندس دل ۾ هن لاءِ حقارت ٿيڻ لڳي.


دائود لاوين جي اڳواڻن کي چيو تہ هو پنهنجن لاوي ڀائرن مان ڪي ڳائڻا مقرر ڪن، تہ جيئن اهي دنبورن، سارنگين ۽ ٽلين جا ساز وڄائي وڏي آواز سان خوشيءَ جا گيت ڳائين.


سو دائود، بني اسرائيل جا اڳواڻ ۽ هزارن جي دستن جا فوجي سالار عوبيدادوم جي گھران خداوند جي عهد واري صندوق کڻي اچڻ لاءِ خوشيون ڪندا ويا.


سو بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو خوشيءَ وچان نعرا هڻندي ۽ نفيلون، شرنايون، ٽليون ۽ تارن وارا ساز وڄائيندي خداوند جي عهد واري صندوق يروشلم ۾ کڻي آيا.


ان بادشاهہ جي ويرين کي آءٌ شڪست ڏياري خوار خراب ڪندس، پر بادشاهہ کي شان وارو تاج پارائيندس.“


ڀلي تہ سندس قوم پنهنجي فتحمنديءَ تي خوشيون ملهائي، ڀلي تہ هو سمهندي بہ خوشيءَ جا گيت پيا ڳائين.


نفيلن جي آواز سان گڏ اوهين سندس واکاڻ ڪريو، سارنگين ۽ دنبورن سان گڏ اوهين سندس واکاڻ ڪريو.


اي سموريون قومون! اوهين خوشيءَ مان تاڙيون وڄايو. اوهين وڏي آواز سان خدا جي واکاڻ ڳايو،


سندن حڪمران بہ ساڻن گڏ هيڪل ۾ داخل ٿئي ۽ واپسيءَ وقت ساڻن گڏ نڪري وڃي.


تنهن هوندي بہ آءٌ خداوند کي ياد ڪري خوش ٿيندس، آءٌ پنهنجي بچائڻ واري خدا جي ڪري سرهو رهندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ