Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 6:12 - Muslim Sindhi Bible

12 جڏهن دائود بادشاهہ کي ٻڌايو ويو تہ عوبيد‌ادوم جي گھراڻي ۽ ساڻس واسطو رکندڙ سڀني شين کي خداوند پنهنجي عهد واري صندوق جي ڪري برڪت عطا ڪئي آهي، تڏهن هو ويو ۽ عوبيد‌ادوم جي گھر مان خدا جي عهد واري صندوق خوشيون ملهائيندي پنهنجي شهر يروشلم ۾ کڻي آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ ماڻهن بادشاهہ دائود کي ٻڌايو تہ خداوند عوبيد ادوم جي گهراڻي کي، ۽ جن جو انهيءَ سان واسطو آهي تن سڀني کي خدا جي صندوق ڪري برڪت ڏني آهي. تڏهن دائود وڃي عوبيد ادوم جي گهر مان خدا جي صندوق خوشيءَ سان دائود جي شهر ۾ کڻي آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 6:12
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ هوندي بہ دائود صيئون جو اهو مضبوط قلعو يعني يروشلم قبضي ڪري ورتو، جيڪو بعد ۾ ”دائود جو شهر“ سڏجڻ لڳو.


پوءِ سليمان بادشاهہ بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي سردارن ۽ گھراڻن جي وڏن کي پاڻ وٽ يروشلم ۾ سڏايو، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي عهد واري صندوق دائود جي شهر يعني صيئون مان هيڪل ۾ آندي وڃي.


جڏهن بني اسرائيل جا اهي سڀيئي اڳواڻ اچي گڏ ٿيا تڏهن ڪاهنن اچي عهد واري صندوق کي کنيو.


هنن خداوند جي عهد واري صندوق، خدا سان ملاقات وارو خيمو ۽ ان جو سمورو مخصوص ڪيل سامان هيڪل ۾ آندو. اهي سڀ شيون ڪاهنن ۽ لاوين کڻي آنديون.


بني لاوي خدا جي عهد واري صندوق ۾ ٻانهيون وجھي اها پنهنجن ڪلهن تي کڻي آيا، جيئن موسيٰ خداوند جي فرمان موجب کين حڪم ڏنو هو.


سو دائود، بني اسرائيل جا اڳواڻ ۽ هزارن جي دستن جا فوجي سالار عوبيدادوم جي گھران خداوند جي عهد واري صندوق کڻي اچڻ لاءِ خوشيون ڪندا ويا.


هائو، اهو ئي عهد جيڪو هن ابراهيم سان ٻڌو هو، هائو، اهو ئي قسم جيڪو هن اسحاق سان کنيو هو.


عوبيدادوم جا اٺ پٽ چونڊيا ويا، جيڪي ترتيبوار هي هئا: سمعياہ، يهوزباد، يوآخ، سڪار، نتني‌ايل،


عمي‌ايل، اِسڪار، فعلتي. خدا عوبيدادوم کي انهن اٺن پٽن سان نوازيو هو.


تنهن کان پوءِ سليمان بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي سردارن ۽ گھراڻن جي وڏن کي گھرائي يروشلم ۾ پاڻ وٽ سڏايو تہ جيئن خداوند جي عهد واري صندوق دائود جي شهر صيئون مان کڻي هيڪل ۾ آڻجي.


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منهنجي شاگردن مان ڪنهن ننڍي ۾ ننڍي کي بہ منهنجو شاگرد سمجھي هڪ پيالو ٿڌي پاڻيءَ جو ئي پيئاريندو تہ هن کي انهيءَ جو اجر ضرور ملندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ