Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 6:10 - Muslim Sindhi Bible

10 سو دائود خداوند جي عهد واري صندوق کي پنهنجي شهر يروشلم ۾ رکڻ جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيو، بلڪ رستي کان ڦري اها صندوق عوبيد‌ادوم جاتيءَ جي گھر کڻي ويو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 انهيءَ ڪري دائود خداوند جي صندوق پاڻ وٽ دائود جي شهر ۾ آڻڻ نہ گهري؛ پر دائود انهيءَ کي پاسيرو ڪري عوبيد ادوم حتيءَ جي گهر کڻي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 6:10
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بادشاهہ جاتين جي اڳواڻ اِتيءَ کي چيو تہ ”تون اسان سان گڏ ڇو ٿو هلين؟ موٽي وڃي نئين بادشاهہ سان رهہ. جيئن تہ تون ڌاريو آهين ۽ جلاوطن بہ ٿيل آهين، سو موٽي پنهنجي جاءِ تي وڃ.


پوءِ دائود انهن کي ٽن ٽولن ۾ روانو ڪيو. هن هڪڙو ٽولو يوآب جي هٿ هيٺ، ٻيو ٽولو يوآب جي ڀاءُ ابي‌شيءَ جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي، تنهن جي هٿ هيٺ ۽ ٽيون ٽولو اِتي نالي هڪڙي جاتيءَ جي هٿ هيٺ روانو ڪري ڇڏيو. بادشاهہ جوانن کي چيو تہ ”آءٌ پاڻ بہ اوهان سان گڏ هلندس.“


بيروت جا اصل رهاڪو جتيم شهر ڏانهن ڀڄي ويا هئا، جيڪي اڄ ڏينهن تائين اتي ڌاريا ٿي رهندا پيا اچن.


انهيءَ هوندي بہ دائود صيئون جو اهو مضبوط قلعو يعني يروشلم قبضي ڪري ورتو، جيڪو بعد ۾ ”دائود جو شهر“ سڏجڻ لڳو.


پوءِ دائود انهيءَ شهر يروشلم ۾ رهڻ لڳو ۽ انهيءَ جو نالو ”دائود جو شهر“ رکيائين. هن دڙي جي چوڌاري ڀت تائين انهيءَ شهر کي وڌايو.


انهن سان گڏ سندن مائٽن مان ٻئي درجي وارا ڳائڻا هي هئا: زڪرياہ، يعزيئيل، سميراموت، يحيئيل، عني، الياب، بناياہ، معسياہ، متتياہ، الفلهو، مقنياہ ۽ هيڪل جا هي ٻہ دربان عوبيدادوم ۽ يعي‌ايل.


شبنياہ، يهوسفط، نتني‌ايل، عماسي، زڪرياہ، بناياہ ۽ اليعزر جيڪي ڪاهن هئا، سي خداوند جي عهد واري صندوق جي اڳيان شرنايون وڄائڻ تي مقرر ڪيا ويا. عوبيدادوم ۽ يحياہ عهد واري صندوق لاءِ پڻ دربان ٿيا.


آسف اڳواڻ هو ۽ زڪرياہ سندس مددگار هو. يعي‌ايل، سميراموت، يحيئيل، متتياہ، الياب، بناياہ، عوبيدادوم ۽ يعي‌ايل دنبورا ۽ سارنگيون وڄائڻ تي مقرر هئا. آسف ٽليون وڄائڻ تي مقرر هو.


يهود، بني‌برق، جات‌رمون،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ