Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 5:6 - Muslim Sindhi Bible

6 پوءِ دائود بادشاهہ پنهنجي ماڻهن سميت يروشلم جي قبضي ڪرڻ لاءِ يبوسين ڏانهن چڙهائي ڪري ويو، جيڪي اتي رهندا هئا. هنن دائود کي چيو تہ ”تون هتي اندر اچي ڪين سگھندين، هتان جا تہ انڌا ۽ منڊا ئي تو کي داخل ٿيڻ ڪونہ ڏيندا.“ هنن سمجھيو ٿي تہ دائود اتي اچي ڪين سگھندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 پوءِ بادشاهہ پنهنجن ماڻهن سميت يروشلم ڏي ويو، انهيءَ لاءِ تہ اتي جي رهاڪن يعني يبوسين سان وڙهي: انهن دائود کي چيو تہ تون هتي اچي ڪين سگهندين، بلڪ انڌا ۽ منڊا توکي هڪلي ڪڍي ڇڏيندا: هنن ڀانئيو تہ دائود اُتي اچي نہ سگهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 5:6
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ملڪِ‌صدق جيڪو سالم جو بادشاهہ ۽ خدا تعاليٰ جو خاص بندو هو، تنهن بہ ماني ۽ مئي وٽس آندي.


تنهنجيءَ مدد سان آءٌ لشڪرن تي ڪاهہ ڪريان ٿو، هائو، تنهنجيءَ مدد سان ئي قلعا بہ ٽپي وڃي حملو ڪريان ٿو.


هڪڙو عقلمند ماڻهو فوج سان ڀريل شهر کي شڪست ڏيئي ٿو سگھي. هائو، هو سندن مضبوط قلعي کي ڪيرائي مٿن قبضو ڪري ٿو سگھي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! اوهين جيڪي جبل جي چوٽيءَ تي رهو ٿا ۽ هيٺ ماٿرين ڏانهن نهاري سمجھو ٿا تہ اوهين محفوظ آهيو. سو اوهين چئو ٿا تہ ’ڪير اسان تي ڪاهہ ڪري ايندو؟ ڪير اسان جي گھرن ۾ گھڙندو؟‘ پر ياد رکو، آءٌ اوهان جي خلاف آهيان.


پوءِ بابلين جو لشڪر جيڪو اوهان تي حملو ڪري ايندو، تنهن کي جيڪڏهن اوهين شڪست بہ کڻي ڏيو ۽ سندن خيمي‌گاهہ ۾ رڳو زخمي ئي وڃي بچن، تہ بہ اهي ٻاهر نڪري هن شهر کي ضرور ساڙي ڇڏيندا.“


هي اهو ملڪِ‌صدق آهي، جيڪو سالم شهر جو بادشاهہ ۽ خدا تعاليٰ جو ڪاهن هو. جڏهن ابراهيم چئن بادشاهن کي قتل ڪري موٽيو پئي آيو تہ ملڪِ‌صدق ساڻس گڏيو ۽ کيس دعائون ڏنائين.


سو يروشلم جي بادشاهہ ادوني‌صدق هيئن ڪيو جو حبرون جي بادشاهہ هوهام، يرموت جي بادشاهہ پيرام، لڪيس جي بادشاهہ يافيع ۽ عجلون جي بادشاهہ دبير ڏانهن هي پيغام ڏياري موڪليائين تہ


پر بني يهوداہ يروشلم جي رهاڪن يعني يبوسين کي سندن شهر مان ڪڍي نہ سگھيا. انهيءَ ڪري يبوسي اڄ ڏينهن تائين يروشلم ۾ بني يهوداہ سان گڏ رهندا اچن.


ضلع، الف ۽ يبوسين يعني يروشلم، جِبعت ۽ قريت‌يعريم، ڪل چوڏهن شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت. بنيامين قبيلي جي سندن گھراڻن موجب اها ئي ميراث هئي.


بني بنيامين يروشلم مان يبوسين کي نہ ڪڍيو. سو يبوسي اڄ ڏينهن تائين يروشلم ۾ بني بنيامين سان گڏ رهندا اچن.


بني يهوداہ يروشلم تي پڻ حملو ڪري مٿس قبضو ڪيو ۽ اتان جي ماڻهن کي تلوار سان ماري ڇڏيائون ۽ شهر کي باهہ ڏنائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ