Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 5:20 - Muslim Sindhi Bible

20 سو دائود هڪڙي هنڌ تي آيو ۽ اتي فلستين کي شڪست ڏنائين. تڏهن دائود چوڻ لڳو تہ ”خداوند منهنجي دشمنن کي ائين ڀڃي وڌو آهي، جيئن اوچتو پاڻيءَ جو بند ڀڄي پوندو آهي.“ انهيءَ سبب ئي انهيءَ هنڌ جو نالو بعل‌پراضيم پئجي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ دائود بعل پراضيم ۾ آيو، ۽ اتي دائود انهن کي شڪست ڏني، ۽ چوڻ لڳو تہ خداوند منهنجن دشمنن کي ائين ڀڃي وڌو آهي جيئن پاڻي ڀڄندو آهي. تنهنڪري هن انهيءَ هنڌ جو نالو بعل پراضيم رکيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 5:20
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي ماڻهن ۾ تڪرار شروع ٿي ويو. هو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”دائود بادشاهہ اسان کي اسان جي دشمنن جي هٿان ڇڏايو ۽ اسان کي فلستين جي هٿن کان بچايو. پر هو ابي‌سلوم جي ڪري ملڪ مان ڀڄي ويل آهي.


سو دائود هڪڙي هنڌ تي آيو ۽ اتي فلستين کي شڪست ڏنائين. تڏهن دائود چوڻ لڳو تہ ”خداوند منهنجي دشمنن کي منهنجي هٿان ائين ڀڃي وڌو آهي، جيئن اوچتو پاڻيءَ جو بند ڀڄي پوندو آهي.“ انهيءَ سبب ئي انهيءَ هنڌ جو نالو بعل‌پراضيم پئجي ويو.


اي خدا! تو اسان کي رد ڪيو آهي، ۽ تو ئي اسان کي هارائي ڇڏيو آهي. تون اسان سان ڪاوڙيو آهين، پر هاڻ اسان کي بحال ڪر.


انهيءَ سبب جو خداوند اهڙو تہ ڪم ڪندو، جيڪو اوهان جي سمجھہ کان بلڪل ٻاهر هوندو، هائو، هو پنهنجو حيرت انگيز ڪم عمل ۾ آڻيندو. خداوند اهڙو وڙهندو جهڙو پراضيم جبل تي وڙهيو هو، ۽ هو اهڙو غضبناڪ ٿيندو جهڙو جِبعون جي ماٿريءَ ۾ ٿيو هو.


تون پنهنجي قوم کي ڇڏائڻ لاءِ نڪتو هئين، هائو، پنهنجي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ کي بچائڻ لاءِ. تو بڇڙائيءَ جي ملڪ جي اڳواڻ کي چٿي ڇڏيو هو، تو کيس پيرن کان وٺي مٿي تائين اگھاڙو ڪري ڇڏيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ