Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 5:18 - Muslim Sindhi Bible

18 فلستي اچي رفائين جي ماٿريءَ ۾ پهچي اُتي رهي پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 هاڻي فلستي اچي رفائيم جي واديءَ ۾ پکڙي پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 5:18
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

چوڏهين سال ڪدرلاعمر ۽ سندس اتحادي بادشاهہ پنهنجين فوجن سان آيا ۽ رفائين کي عشتارات‌قرنيم ۾، زوزين کي هام ۾، ايمين کي سوي‌قريتيم شهر ۾


لاباري جي شروعات واري موسم ۾ ”ٽيهن جو ٽولو“ ۾ شامل اهي ٽيئي وڏا بهادر عدلام جي غار ۾ دائود وٽ آيا، جڏهن تہ فلستين جو لشڪر رفائين جي ماٿريءَ ۾ خيما کوڙي رهي پيو هو.


پوءِ فلستي هڪ دفعو وري چڙهائي ڪري آيا ۽ رفائين جي ماٿريءَ ۾ رهي پيا.


هڪ ڏينهن ٽيهن بهادرن مان اهي ٽي ڄڻا ٽڪريءَ ڏانهن عدلام جي غار ۾ دائود وٽ آيا، جڏهن تہ فلستين جو هڪ جٿو رفائين جي ماٿريءَ ۾ خيما کوڙيو رهيو پيو هو.


تڏهن اسرائيل ملڪ جو حال اهڙي ٻنيءَ جهڙو ٿيندو، جنهن ۾ بيٺل فصل جو اهڙيءَ طرح لابارو ڪيو ويو هجي، جو ان ۾ هڪڙو سنگ بہ نہ ڇڏيو ويو هجي. هائو، ان جو حال رفائين جي ماٿريءَ جي اهڙي سکڻي ٻنيءَ جهڙو ٿيندو، جنهن مان سنگ ميڙي ان کي خالي ڪيو ويو هجي.


پوءِ اُها سرحد هنوم ماٿريءَ وچان هلي ڏکڻ پاسي جبل جي لاهيءَ وٽان جتي يبوسين جو شهر يروشلم آهي، رفائين واديءَ جي اترئين ڇيڙي تي هنوم ماٿريءَ جي سامهون اولهہ طرف بيٺل جبل جي چوٽيءَ تي چڙهي ويئي.


يشوع کين ورندي ڏني تہ ”جيڪڏهن اوهين ايترا گھڻا آهيو ۽ افرائيم جو جابلو علائقو اوهان لاءِ ننڍو آهي تہ پوءِ ٻيلي ڏانهن وڃو ۽ اتي فرزين ۽ رفائين جي علائقي ۾ پنهنجي لاءِ جھنگ وڍي جاءِ ڪريو.“


اها سرحد اتان لهي انهيءَ جبل جي تري تائين آئي جيڪو هنوم ماٿريءَ جي سامهون ۽ رفائين جي ماٿريءَ جي اترئين پاسي ۾ آهي. پوءِ اُتان لهي هنوم جي ماٿريءَ وچان ويئي جا ڏکڻ طرف واري يبوسين جي شهر جي لاهيءَ وٽ آهي ۽ اتان وري لهي عين‌راجل چشمي ڏانهن ويئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ