Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 4:2 - Muslim Sindhi Bible

2 اشبوست وٽ ٻہ ماڻهو هئا جيڪي لشڪرن جا سالار هئا، هڪڙي جو نالو بعنہ ۽ ٻئي جو ريڪاب هو. اهي ٻئي رمون بيروتيءَ جا پٽ هئا، جيڪو بنيامين قبيلي مان هو. ان وقت بيروت شهر کي بنيامين قبيلي جو حصو شمار ٿي ڪيو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ سائول جي پٽ اشبوست وٽ ٻہ ماڻهو هئا جي لشڪرن جا سردار هئا: هڪڙي جو نالو بعنہ هو ۽ ٻئي جو نالو ريڪاب هو، ٻئي رمون بيروتيءَ جا پٽ هئا، جو بنيمين مان هو: (ڇالاءِ جو بيروت بہ بنيمين جي شمار ۾ ٿو اچي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 4:2
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

صلق عموني، نحري بيروتي جيڪو دائود جي ڀيڻ ضروياہ جي پٽ يوآب جو هٿياربردار هو،


انهيءَ عرصي دوران دائود جا ماڻهو ۽ يوآب لڙائيءَ تان موٽي آيا ۽ پاڻ سان گھڻو ئي لٽ جو مال آندائون. ابنير انهيءَ وقت حبرون ۾ دائود وٽ ڪين هو، ڇاڪاڻ تہ هن کيس روانو ڪري ڇڏيو هو ۽ هو سلامتيءَ سان هليو ويو هو.


هاڻي رمون بيروتيءَ جا پٽ ريڪاب ۽ بعنہ اشبوست جي گھر ڏانهن روانا ٿيا ۽ ڏينهن تتي مهل جڏهن اشبوست منجھند جو آرام ۾ هو تڏهن سندس گھر اچي پهتا.


تڏهن دائود ريڪاب ۽ سندس ڀاءُ بعنہ کي چيو تہ ”زندہ خداوند جو قسم، جنهن منهنجي روح کي سڀني تڪليفن کان بچايو آهي،


اسرائيل وارن سان جھڙپ دوران ارامي لشڪر وارا سندن هڪڙي ننڍي ڇوڪري قيد ڪري وٺي آيا هئا، جيڪا نعمان جي زال جي نوڪرياڻي بڻائي ويئي.


سو بادشاهہ انهن لاءِ هڪڙي وڏي دعوت جو انتظام ڪيو. جڏهن انهن کائي پي ڍءُ ڪيو تڏهن انهن کي موڪل ڏنائين ۽ هو پنهنجي مالڪ ڏانهن موٽي هليا ويا. تنهن کان پوءِ ارامين اسرائيل تي ڪاهہ ڪرڻ ڇڏي ڏني.


انهيءَ کان علاوہ هي شهر هئا: جِبعون، رامہ، بِيروت،


سو بني اسرائيل اتان روانا ٿيا ۽ ٽئين ڏينهن تي انهن ماڻهن جي شهرن ۾ اچي پهتا. انهن جا شهر هي هئا: جِبعون، ڪفيرہ، بيروت ۽ قريت‌يعريم.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ