Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 3:35 - Muslim Sindhi Bible

35 جيئن تہ اڃا ڪجھہ سج بيٺو هو، سو سڀيئي ماڻهو دائود وٽ آيا تہ جيئن کيس ماني کارائين. پر دائود قسم کڻي چيو تہ ”جيڪڏهن سج لٿي کان اڳي آءٌ ماني يا ڪا ٻي شيءِ چکان، تہ خدا مون سان بہ ائين ئي ڪري، بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

35 ۽ سڀيئي ماڻهو آيا، انهيءَ لاءِ تہ ڏينهن بيٺي دائود کي ماني کارائين؛ پر دائود قسم کڻي چيو تہ جيڪڏهن سج لٿي کان اڳي آءٌ ماني يا ڪا ٻي شيءِ چکان تہ خدا مون سان بہ ائين ڪري بلڪ وڌيڪ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 3:35
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن سائول، سندس پٽ يونتن، خداوند جي لشڪر ۽ سڄي بني اسرائيل لاءِ سوڳ ڪيو ۽ رنا ۽ شام تائين ڪجھہ بہ نہ کاڌائون، ڇاڪاڻ تہ اهي مارجي ويا هئا.


سندس درٻار جا امير وٽس آيا ۽ کيس زمين تان اٿارڻ لڳا، پر هو نہ اٿيو ۽ انهن سان گڏ ماني کائڻ کان بہ انڪار ڪيائين.


تنهنجي هٿن ۾ ڏوهارين جيان هٿڪڙي تہ پيل ڪين هئي، نڪي تنهنجي پيرن ۾ ڪو زنجير پيل هو، پوءِ بہ جيئن ڪو بڇڙن جي هٿان مري، هاءِ! تيئن تون مري وئين.“ تڏهن سڀيئي ماڻهو هن تي وري بہ رنا.


هاڻي جڏهن سڀني ماڻهن انهيءَ ڳالهہ تي ڌيان ڏنو، تہ اها کين وڻي ۽ جيڪي بہ بادشاهہ ڪيو هو سو سڀني ماڻهن کي پسند آيو.


خداوند دائود سان قسم کڻي واعدو ڪيو آهي تہ هو سائول جي گھراڻي کان بادشاهت کسي اسرائيل ۽ يهوداہ مٿان دائود کي بادشاهہ بڻائيندو. اتر ۾ دان کان وٺي ڏکڻ ۾ بيرسبع تائين سندس بادشاهت هوندي. هاڻي جيڪڏهن آءٌ ابنير انهيءَ ڳالهہ کي سچ نہ ڪري ڏيکاريان تہ خدا شل مون کي ماري ختم ڪري ڇڏي.“


تڏهن اتي جا سڀ بهادر مرد اٿيا ۽ سائول ۽ سندس پٽن جا لاش چوريءَ کڻي يبيس شهر ۾ آيا. هنن کين اتي شاهہ‌بلوط جي وڻ هيٺ دفن ڪيو ۽ ستن ڏينهن تائين روزو رکيائون.


سوڳوارن کي سندن مئلن جي تسليءَ واسطي ڪوبہ ويلو نہ کارائيندو، نہ وري سندن پيءُ ماءُ جي غم ۾ ڪو تسلي ڏيندي کين پاڻيءَ ڍڪ ئي پيئاريندو.


مئل جي لاءِ آهستگيءَ سان پيو آهون ڀرجانءِ، روڄ راڙو نہ ڪجانءِ، نڪي پنهنجي مٿي تان پٽڪو يا وري پيرن مان جتي لاهي ڇڏجانءِ، نڪي ڏک ظاهر ڪرڻ لاءِ پنهنجي چهري کي ڍڪجانءِ ۽ نہ وري روئڻ پٽڻ وارن جي کاڌي مان ڪجھہ کائجانءِ.“


پوءِ اوهين ائين ئي ڪندا جيئن مون خداوند حزقي‌ايل کي حڪم ڏنو آهي. اوهين پنهنجو ڏک ظاهر نہ ڪندا يعني اوهين پنهنجو منهن نہ ڍڪيندا ۽ نہ وري روئڻ پٽڻ وارن جي مانيءَ مان ڪجھہ کائيندا.


تڏهن بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو بيت‌ايل ڏانهن موٽي ويا ۽ اتي خداوند اڳيان ويهي رنائون. هنن اهو سڄو ڏينهن روزو رکيو ۽ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪيون.


جتي تون مرندينءَ آءٌ بہ اتي ئي مرنديس، جتي تون دفن ٿيندينءَ آءٌ بہ اتي ئي دفن ٿينديس. جيڪڏهن موت کان سواءِ آءٌ تو کان جدا ٿيان، تہ خداوند مون کي ان جي سزا ڏئي بلڪ ان کان بہ وڌيڪ.“


عيليءَ پڇيس تہ ”اها ڪهڙي ڳالهہ آهي جا خداوند تو کي ٻڌائي آهي؟ ڀلائي ڪري اها مون کان نہ لڪاءِ. جيڪڏهن خدا جي چيل انهن سڀني ڳالهين مان ڪابہ مون کان لڪائيندين تہ خدا شل تو سان سختيءَ وارو سلوڪ ڪري، بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ