Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 3:29 - Muslim Sindhi Bible

29 ڀلي تہ اهو ڏوهہ يوآب جي سر تي ۽ سندس پيءُ جي سڄي گھراڻي تي پوي. ڀلي تہ يوآب جي گھراڻي ۾ ڪونہ ڪو اهڙو ماڻهو رهندو اچي جنهن کي جريان يا ڪوڙهہ جهڙي بيماري هجي، يا جيڪو لٺ تي هلي، يا جيڪو تلوار سان قتل ٿئي يا جيڪو مانيءَ لاءِ محتاج هجي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 ڀلي تہ اهو يوآب ۽ سندس اباڻي گهراڻي تي پوي؛ ڀلي تہ يوآب جي گهراڻي مان ڪونہ ڪو اهڙو ٿئي جنهن کي ڳوڙهي نڪري يا ڪوڙهيو هجي، يا جو لٺ تي هلي، يا جو ترار سان قتل ٿئي، يا جو مانيءَ لاءِ محتاج هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 3:29
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود انهيءَ عماليقيءَ کي چوندو رهيو تہ ”تنهنجو خون تنهنجي گردن تي هجي، ڇاڪاڻ تہ تو پاڻ پنهنجي شاهدي ڏيئي چيو آهي تہ ’مون خداوند جي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ کي قتل ڪيو آهي.‘“


سائول جنهن جي جاءِ تي تو بادشاهي پئي ڪئي آهي، تنهن جي گھراڻي جو سمورو خون خداوند تو تي ئي آڻي وڌو آهي. سو خداوند بادشاهي تنهنجي پٽ ابي‌سلوم جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏي آهي ۽ تون پنهنجي بڇڙائيءَ ۾ پاڻ ڦاٿو آهين، ڇاڪاڻ تہ تون خوني آهين.“


پوءِ جڏهن دائود اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن چيائين تہ ”آءٌ ۽ منهنجي بادشاهت ابنير ولد نير جي خون کان هميشہ جي لاءِ خداوند جي آڏو بي‌ڏوها آهيون.


ارام جي بادشاهہ جو هڪڙو سپهہ‌سالار هو جنهن جو نالو نعمان هو. پنهنجي مالڪ جي نظر ۾ هو وڏو ڳُڻن ڀريو ماڻهو هو ۽ سندس وڏي عزت هئي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جي وسيلي خداوند ارام ملڪ کي فتح ڏني هئي. هو هڪ بهادر سپاهي هو، پر کيس ڪوڙهہ جهڙي چمڙيءَ جي بيماري هئي.


تنهنڪري نعمان واري ڪوڙهہ جهڙي چمڙيءَ جي بيماري تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي هميشہ لاءِ لڳندي.“ پوءِ جيحازي جڏهن وٽانئس نڪتو تہ کيس اهڙي ئي بيماري اچي لڳي ۽ سندس کل بلڪل اڇي ٿي ويئي.


اي خداوند! آءٌ تنهنجي انصاف جو شڪرانو پيو ڪندس. آءٌ تو خداوند تعاليٰ جي نالي جي واکاڻ پيو ڳائيندس.


پوءِ جيڪڏهن اهو وري اُٿي ۽ پنهنجيءَ لٺ تي ٻاهر گھمي ڦري، تہ جنهن ڌڪ هنيو هجي تنهن کي ڇڏي ڏجي. پر هو ڌڪيءَ جو رڳو ٿيل نقصان ڀري ڏئي ۽ سندس پوريءَ طرح علاج ڪرائي.


بني اسرائيل لاءِ هي فرمايو تہ ”جيڪڏهن ڪنهن مرد ماڻهوءَ کي جريان جي بيماري آهي تہ اهو جريان ناپاڪ آهي.


اوهين ائين ڪري انهيءَ ملڪ کي ناپاڪ نہ ڪجو جنهن ۾ پاڻ رهو ٿا. خون ملڪ کي ناپاڪ ٿو ڪري ۽ جنهن ملڪ ۾ خون وهائجي ٿو تنهن جو ڪفارو قاتل جي خون کان سواءِ ٻي ڪابہ شيءِ ٿي نہ ٿي سگھي.


جڏهن اتان جي رهاڪن ڏٺو تہ پولس جي هٿ ۾ نانگ چنبڙيل آهي، تڏهن هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”پڪ هي ماڻهو خوني آهي. جيتوڻيڪ هو سمنڊ مان بچي نڪتو آهي، تہ بہ انصاف واري ديوي هن کي جيئرو رهڻ نہ ٿي ڏئي.“


پوءِ جيڪو شهر انهيءَ لاشي کي سڀني کان ويجھو آهي تنهن جا سمورا اڳواڻ، انهيءَ گابيءَ جي مٿان، جنهن جو انهيءَ برساتي نهر ۾ ڪنڌ ڀڳو ويو آهي، پنهنجا پنهنجا هٿ ڌوئن


ڇاڪاڻ تہ جن ماڻهن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن ۽ خدا جو پيغام ڏيندڙن جو رت وهايو آهي، تن کي تو رت پيئڻ لاءِ ڏنو. اهي انهيءَ جي ئي لائق آهن.“


خدا ائين انهيءَ لاءِ ڪيو، تہ جيئن جِدعون جي ستر پٽن جي خون جو بدلو سندن ڀاءُ ابيملڪ کان ورتو وڃي، جنهن هنن کي مارايو هو ۽ سڪم جي ماڻهن کان بہ بدلو ورتو وڃي جن سندس ڀائرن جي مارڻ ۾ ابيملڪ جي مدد ڪئي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ