Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 3:28 - Muslim Sindhi Bible

28 پوءِ جڏهن دائود اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن چيائين تہ ”آءٌ ۽ منهنجي بادشاهت ابنير ولد نير جي خون کان هميشہ جي لاءِ خداوند جي آڏو بي‌ڏوها آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 ۽ پوءِ جڏهن دائود اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن چيائين تہ آءٌ ۽ منهنجي بادشاهت ابنير بن نير جي خون کان هميشہ جي لاءِ خداوند جي اڳيان بي ڏوها آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 3:28
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي خداوند چيس تہ ”تو هي ڇا ڪيو آهي؟ تنهنجي ڀاءُ جو رت مون کي زمين مان بدلي وٺڻ لاءِ پيو پڪاري.


جيڪو انسان کي ماريندو تہ انهيءَ کي انسان جي هٿان مارايو ويندو، ڇو تہ مون خدا انسان کي پنهنجي صورت تي ٺاهيو آهي.


دائود انهيءَ عماليقيءَ کي چوندو رهيو تہ ”تنهنجو خون تنهنجي گردن تي هجي، ڇاڪاڻ تہ تو پاڻ پنهنجي شاهدي ڏيئي چيو آهي تہ ’مون خداوند جي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ کي قتل ڪيو آهي.‘“


سائول جنهن جي جاءِ تي تو بادشاهي پئي ڪئي آهي، تنهن جي گھراڻي جو سمورو خون خداوند تو تي ئي آڻي وڌو آهي. سو خداوند بادشاهي تنهنجي پٽ ابي‌سلوم جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏي آهي ۽ تون پنهنجي بڇڙائيءَ ۾ پاڻ ڦاٿو آهين، ڇاڪاڻ تہ تون خوني آهين.“


جڏهن ابنير حبرون ۾ موٽي آيو، تڏهن يوآب ساڻس اڪيلائيءَ ۾ ڳالهائڻ جي بهاني کيس هڪ پاسي دروازي واري وچين حصي ۾ وٺي ويو ۽ اتي پنهنجي ڀاءُ عساهيل جي خون جي عيوض هن کي پيٽ ۾ خنجر هڻي ماري وڌائين.


ڀلي تہ اهو ڏوهہ يوآب جي سر تي ۽ سندس پيءُ جي سڄي گھراڻي تي پوي. ڀلي تہ يوآب جي گھراڻي ۾ ڪونہ ڪو اهڙو ماڻهو رهندو اچي جنهن کي جريان يا ڪوڙهہ جهڙي بيماري هجي، يا جيڪو لٺ تي هلي، يا جيڪو تلوار سان قتل ٿئي يا جيڪو مانيءَ لاءِ محتاج هجي.“


”جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي اهڙو ڌڪ هڻي جو هو مري وڃي، تہ انهيءَ کي ضرور ماريو وڃي.


اوهين ائين ڪري انهيءَ ملڪ کي ناپاڪ نہ ڪجو جنهن ۾ پاڻ رهو ٿا. خون ملڪ کي ناپاڪ ٿو ڪري ۽ جنهن ملڪ ۾ خون وهائجي ٿو تنهن جو ڪفارو قاتل جي خون کان سواءِ ٻي ڪابہ شيءِ ٿي نہ ٿي سگھي.


تنهنڪري جڏهن پلاطس ڏٺو تہ ڪو چارو ئي نہ آهي ۽ اٽلندو فساد ٿو ٿئي، تڏهن ڪجھہ پاڻي کڻي ماڻهن جي اڳيان پنهنجا هٿ ڌوتائين ۽ چيائين تہ ”آءٌ هن ماڻهوءَ جي خون کان آجو آهيان. اها اوهان جي ذميواري آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ