Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 3:25 - Muslim Sindhi Bible

25 اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ نير جو پٽ ابنير ٺڳي ڪرڻ لاءِ اوهان وٽ آيو هو؟ هو اوهان جي اچڻ وڃڻ ۽ جيڪي ڪجھہ اوهين ڪريو ٿا تنهن جو ڳجھہ لهڻ لاءِ آيو هو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 ۽ تون نير جي پٽ ابنير کي سڃاڻين ٿو، تہ توکي ٺڳڻ ۽ تنهنجي ٻاهر وڃڻ ۽ اندر اچڻ جي، ۽ جيڪي تون ڪرين ٿو، تنهن جي حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ آيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 3:25
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يوسف چين تہ ”نہ، اوهين هن ملڪ جي تنگ حالت ڏسڻ آيا آهيو.“


اوهين پاڻ مان هڪڙي کي موڪليو تہ اهو وڃي کيس وٺي اچي. جيستائين اوهان جي ڳالهہ جي خاطري ٿئي تہ اوهين سچا آهيو يا نہ، تيستائين اوهين ٻيا هتي قيدي ٿي رهو. نہ تہ فرعون جي سر جو قسم آهي تہ اوهين پڪ جاسوس آهيو.“


پوءِ يوسف کي اهي خواب ياد آيا جيڪي هنن جي بابت ڏٺا هئائين. تڏهن کين چيائين تہ ”اوهين جاسوس آهيو ۽ هن ملڪ جي تنگ حالت ڏسڻ آيا آهيو.“


تڏهن بني عمون جي اڳواڻن پنهنجي آقا حنون کي چيو تہ ”ڇا اوهين ائين سمجھيو ٿا تہ دائود عذرخواهي ڪرڻ لاءِ اوهان ڏانهن پنهنجا ماڻهو موڪلي اوهان جي پيءُ جو مان ڪري رهيو آهي؟ ڇا دائود پنهنجا قاصد اوهان ڏانهن انهيءَ ڪم لاءِ نہ موڪليا آهن تہ هو شهر جو حال احوال لهي، انهيءَ جي جاسوسي ڪري ۽ پوءِ انهيءَ کي ناس ڪري ڇڏي؟“


تڏهن يوآب بادشاهہ وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”اوهان هي ڇا ڪيو؟ ابنير اوهان وٽ آيو هو تہ اوهان کيس ڇو روانو ڪري ڇڏيو، جو هو هليو ويو؟


پوءِ دائود وٽان نڪري اچڻ بعد يوآب ابنير جي پٺيان ماڻهو موڪليا، جيڪي هن کي سيرہ جي کوهہ وٽان موٽائي وٺي آيا. پر دائود کي انهيءَ وچ جي ڪابہ خبر ڪانہ هئي.


جڏهن ابنير حبرون ۾ موٽي آيو، تڏهن يوآب ساڻس اڪيلائيءَ ۾ ڳالهائڻ جي بهاني کيس هڪ پاسي دروازي واري وچين حصي ۾ وٺي ويو ۽ اتي پنهنجي ڀاءُ عساهيل جي خون جي عيوض هن کي پيٽ ۾ خنجر هڻي ماري وڌائين.


جيستائين آءٌ نہ اچان. آءٌ اوهان کي وٺي اوهان جي ملڪ جهڙي انهيءَ ملڪ ۾ آباد ڪندس جتي اناج ۽ مئي آهي، ماني ۽ انگور آهن، زيتون جو تيل ۽ ماکي آهي. سو منهنجي ڳالهہ مڃيندا تہ مرڻ کان بچي ويندا. حزقياہ ڏانهن ڌيان نہ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ هو ائين چئي اوهان کي گمراهہ ٿو ڪري تہ اوهان جو خداوند اوهان کي ڇڏائيندو.


خداوند هر ڪم ۾ ۽ هر هنڌ تنهنجي حفاظت ڪندو. هائو، هو هينئر کان هميشہ هميشہ تائين تنهنجي حفاظت ڪندو.“


پر مون کي تنهنجي سڀ خبر آهي تہ تون ڪٿي رهين ٿو، ڪيڏانهن اچين وڃين ٿو، ۽ منهنجي خلاف ڪهڙي بڪواس ڪرين ٿو.


جيڪو جنگ تي وڃڻ وقت ۽ موٽي اچڻ وقت هنن جي اڳيان هلي ۽ سندن اندر ٻاهر اچڻ وڃڻ ۾ سندن رهنمائي ڪري، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي قوم نڌڻڪين رڍن وانگر نہ ٿئي.“


ماڻهن ۾ عيسيٰ بابت ڏاڍي سُس پُس پئي ٿي. ڪن پئي چيو تہ ”هو نيڪ ماڻهو آهي.“ پر ٻين پئي چيو تہ ”نہ، هو ماڻهن کي گمراهہ ڪري رهيو آهي.“


تنهن تي فريسين کين چيو تہ ”اوهين بہ گمراهہ ٿي ويا آهيو ڇا؟


هاڻ اي انسان! تون جيڪو ٻين جا عيب ٿو اُگھاڙين، پوءِ تون کڻي ڪير بہ هجين تو کي انهيءَ جو ڪوبہ حق نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ جن ڪمن جو الزام تون ٻين تي ٿو هڻين، سي ڪم تہ تون خود ڪري پاڻ کي ڏوهاري ٿو قرار ڏئين.


اوهين پنهنجي هر ڪم ۾ برڪت وارا ٿيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ