Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 3:21 - Muslim Sindhi Bible

21 پوءِ ابنير دائود کي چيو تہ ”هاڻي آءٌ موٽي ويندس ۽ سڄي بني اسرائيل کي آڻي پنهنجي آقا بادشاهہ وٽ گڏ ڪندس، تہ جيئن اهي توهان سان عهد ڪن ۽ توهين انهن سڀني تي پنهنجي مرضيءَ موجب بادشاهي ڪريو.“ سو دائود ابنير کي روانو ڪيو ۽ هو سلامتيءَ سان هليو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 ۽ ابنير دائود کي چيو تہ آءٌ موٽي ويندس ۽ سڀني اسرائيلين کي پنهنجي ڌڻي بادشاهہ وٽ آڻي گڏ ڪندس، تہ اهي توسان عهد اقرار ڪن، ۽ تون پنهنجي مرضيءَ موجب انهن تي بادشاهي ڪج. ۽ دائود ابنير کي روانو ڪيو؛ ۽ هو صحيح سلامت هليو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 3:21
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتي جِلعاد، آشر، يزرعيل، افرائيم ۽ بنيامين جي علائقن بلڪ بني اسرائيل جي ڏهن قبيلن جي باقي علائقن جي مٿان کيس بادشاهہ بڻايائين.


پوءِ ابنير دائود ڏانهن پنهنجا قاصد موڪليا، جيڪو ان وقت حبرون ۾ هو. هن کيس چوائي موڪليو تہ ”هن ملڪ تي ڪير حاڪم ٿيندو؟ تون مون سان معاهدو ڪر تہ آءٌ سڄي بني اسرائيل کي تنهنجي پاسي آڻڻ ۾ تنهنجي مدد ڪندس.“


سو ابنير پاڻ سان ويهہ ماڻهو ساڻ ڪري دائود وٽ پهتو، تہ دائود سندن مهماني ڪئي.


تڏهن دائود اتي خداوند جي آڏو حلف کنيو ۽ بني اسرائيل جا سڀيئي اڳواڻ جيڪي حبرون ۾ آيا هئا، تن دائود کي مسح ڪري بني اسرائيل جي مٿان بادشاهہ مقرر ڪيو.


اي يربعام! آءٌ تو کي بني اسرائيل جي انهن ڏهن قبيلن جي مٿان بادشاهہ بڻائيندس. هائو، ائين ڪرڻ سان جيڪا تنهنجي دل جي خواهش آهي سا پوري ٿي ويندي.


شل هو تنهنجيءَ دل جون سموريون مرادون پوريون ڪري! شل هو تنهنجيون سموريون رٿون ڪامياب ڪري!


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ هر ڪو ماڻهو عيسيٰ مسيح جي ڳالهين کي نہ، بلڪ پنهنجي مطلب جي ڳالهين کي ٿو ڏسي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ