Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 24:22 - Muslim Sindhi Bible

22 تڏهن اُروناہ دائود کي چيو تہ ”اي منهنجا آقا بادشاهہ! ڀلي وٺو ۽ جيڪي اوهان کي وڻي سو قربان ڪريو. ڏسو، ساڙڻ واري قربانيءَ جي لاءِ ڏاند ۽ ٻارڻ لاءِ ڳاهڻ جا اوزار ۽ ڏاندن جون پاڃاريون حاضر آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 ۽ اروناہ دائود کي چيو تہ منهنجو ڌڻي بادشاهہ ڀلي جيڪي وڻيس سو وٺي چاڙهي: ڏس، سوختني قربانيءَ جي لاءِ ڏاند ۽ ڳاهڻ جا اوزار ۽ ڪاٺين جي لاءِ ڏاندن جا سنج حاضر آهن:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 24:22
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”منهنجا سائين! ائين نہ ٿيندو، بلڪ منهنجي ڳالهہ ٻڌو. اها ٻني ۽ جيڪا غار منجھس آهي سي ٻئي آءٌ اوهان کي مفت ۾ ڏيان ٿو. اهي آءٌ اوهان کي پنهنجي قوم جي روبرو ڏيان ٿو، اوهين ڀلي پنهنجو مُڙدو دفن ڪريو.“


تنهن تي اليشع موٽي وڃي پنهنجو ڏاندن جو جوڙو کڻي ڪُٺو. هن هر ۽ پاڃاري کي باهہ ڏئي گوشت پچايو ۽ اهو ماڻهن کي ڏنائين، جن اهو کاڌو. تنهن کان پوءِ هو الياس جي پٺيان روانو ٿيو ۽ سندس خدمتگار بڻيو.


پوءِ دائود اُروناہ کي چيو تہ ”مون کي پنهنجو اَن ڳاهڻ وارو پِڙ ڏي، تہ آءٌ اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ جوڙيان تہ مَن خلق تان وبا ٽري وڃي. تون انهيءَ پِڙ لاءِ ڀلي مون کان پوري قيمت وٺ.“


پوءِ خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ انهيءَ ڊاهيل قربان‌گاهہ جي دڙي جي چوٽيءَ تي قاعدي موجب هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهہ. تنهن بعد يسيرہ مورتين واري ٿنڀي جي وڍيل ڪاٺين سان انهيءَ ڏاند جي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪر.“


گاڏي بيت‌شمس شهر ۾ رهندڙ هڪڙي شخص يشوع جي ٻنيءَ ۾ اچي بيهي رهي، جتي هڪڙو وڏو پٿر پيو هو. ماڻهن ڪاٺ جي اها گاڏي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏي ۽ ڳئن کي خداوند جي لاءِ ساڙڻ واري قربانيءَ طور قربان ڪيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ