2.سموئيل 24:16 - Muslim Sindhi Bible16 پر ملائڪ جڏهن يروشلم جي تباهيءَ لاءِ ان ڏانهن پنهنجو هٿ ڊگھيريو، تڏهن خداوند کي انهن جي مصيبت تي ترس اچي ويو. سو جنهن ملائڪ ماڻهن کي ماريو پئي تنهن کي چيائين تہ ”بس، هاڻي پنهنجو هٿ جھل.“ ان وقت خداوند جو ملائڪ اُروناہ يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پِڙ وٽ بيٺو هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible16 ۽ جڏهن ملائڪ يروشلم کي چٽ ڪرڻ لاءِ اُن ڏي پنهنجو هٿ ڊگهيريو، تڏهن خداوند انهيءَ خرابيءَ کان پنهنجو ارادو بدلايو، ۽ جنهن ملائڪ ماڻهن کي چٽ پئي ڪيو، تنهن کي چيائين تہ هاڻي بس؛ هاڻي پنهنجو هٿ جهل. ۽ خداوند جو ملائڪ اروناہ يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پڙ جي پاسي ۾ هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پر يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ يا يهوداہ جي ڪنهن بہ ماڻهوءَ ميڪاہ کي قتل نہ ڪيو. اٽلندو حزقياہ خداوند کان ڊڄندي کانئس رحم جي طلب ڪئي هئي. تڏهن خداوند انهن تي اها مصيبت آڻڻ کان مڙي ويو هو، جنهن بابت کين ٻڌايو هئائين. سو هاڻ اي يهوداہ وارؤ! جيڪڏهن اسان يرمياہ کي قتل ڪيو تہ پاڻ تي هڪ خوفناڪ مصيبت آڻينداسون.“