Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 24:14 - Muslim Sindhi Bible

14 دائود جاد کي وراڻيو تہ ”آءٌ ڏاڍي مصيبت ۾ آهيان. هاڻي اسان جو خداوند جي هٿ ۾ هلي پوڻ ئي بهتر آهي، ڇاڪاڻ تہ هن جون وڏيون رحمتون آهن. آءٌ ماڻهن جي هٿن ۾ نہ پوان تہ چڱو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ دائود جاد کي چيو تہ آءٌ ڏاڍيءَ مشڪلات ۾ آهيان: هاڻي مناسب آهي تہ خداوند جي هٿ ۾ هلي پئون؛ ڇالاءِ جو هن جون وڏيون رحمتون آهن: آءٌ ماڻهو جي هٿن ۾ نہ پوان تہ چڱو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 24:14
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هن تعظيم ڏيئي چيس تہ ”اوهان جو ٻانهو ڪهڙي شيءِ آهي جو توهين مون جهڙي خسيس ماڻهوءَ تي مهر جي نظر ڪريو؟“


صبح جو سوير جڏهن انهيءَ خدا جي بندي جو خدمتگار اُٿي ٻاهر نڪتو، تڏهن ڏٺائين تہ هڪڙو لشڪر گھوڙي گاڏين سميت شهر کي وڪوڙيو بيٺو آهي. هو اليشع وٽ موٽي ويو ۽ کيس رڙ ڪري چيائين تہ ”اي منهنجا آقا! هاڻ اسين ڇا ڪنداسين؟“


دائود جاد کي چيو تہ ”آءٌ ڏاڍي مشڪلات ۾ آهيان. آءٌ ماڻهن جي هٿان سزا نہ ٿو چاهيان، ڀلي تہ خداوند مون کي سزا ڏئي، ڇو تہ هن جي رحمت تمام وسيع آهي.“


پر اي خداوند! پنهنجي فيصلن موجب مون کي حياتي بخش، ڇاڪاڻ تہ تنهنجيون رحمتون بيحد گھڻيون آهن.


پر تو وٽ گناهن جي مغفرت آهي، تان‌تہ ماڻهو تنهنجي تعظيم ڪن.


اي بني اسرائيل وارؤ! پنهنجو ڀروسو خداوند تي رکو، ڇوجو هن وٽ دائمي ٻاجھہ ۽ جھجھو ڇوٽڪارو آهي.


خداوند سڀني تي پنهنجو ڪرم ڪري ٿو، هو پنهنجي سڄي مخلوقات تي مهربان آهي.


اي خدا! پنهنجي دائمي شفقت سبب مون تي پنهنجو رحم ڪر. تون پنهنجي گھڻي رحم سبب منهنجو هر گناهہ مِٽائي ڇڏ.


جيئن تہ اي ڌڻي! تون رحيم ۽ ڪريم خدا آهين، تون دائمي شفقت ۽ وفا سان ڀرپور آهين، ۽ غصي ڪرڻ ۾ ڍرو آهين،


هن ڪري جو اي منهنجا ڌڻي! تون ئي معاف ڪندڙ ۽ ڀلو آهين. جيڪي تو کي پڪارين ٿا تن تي تون دائمي شفقت ڪندڙ آهين.


سچار ماڻهو پنهنجي ڍورن جي بہ سٺي سار سنڀال لهي ٿو، مگر بدڪار جو رحم بہ ظلم وارو رويو آهي.


آءٌ پنهنجي قوم سان ڪاوڙيل هئس، سو انهن کي خوار خراب ڪري سندن ملڪ سميت تنهنجي حوالي ڪيم. تو انهن تي ڪو رحم نہ ڪيو، بلڪ تون ٻڍن تي بہ ظلم ڪرڻ کان باز نہ آئينءَ.


شرير ماڻهو پنهنجو رستو تبديل ڪن، ۽ بدڪار ماڻهو پنهنجا خيال بدلائين. اهي خداوند، اسان جي خدا آڏو توبهہ‌تائب ٿين، تہ هو مٿن رحم ڪندو. بيشڪ اهو بيحد معاف ڪندڙ آهي.


پر انهيءَ ڏينهن آءٌ تو کي ڇڏائيندس ۽ جن ماڻهن کان تون ڊڄين ٿو، تن جي هٿن ۾ وڃڻ کان تو کي بچائيندس.


خداوند جي شفقت ابدي آهي، ۽ سندس رحم ڪرڻ ڪڏهن بہ بند نہ ٿو ٿئي.


جڏهن بہ اسين تو کان باغي ٿيا آهيون، تڏهن اي پروردگار، اسان جا خدا! تون اسان تي رحم ڪندڙ ۽ اسان کي معافي ڏيندڙ ثابت ٿيو آهين.


هن خداوند کي عرض ڪري چيو تہ ”اي خداوند! ڇا مون ان وقت ائين ئي نہ چيو هو جڏهن آءٌ اڃا پنهنجي ملڪ ۾ هئس؟ اهو ئي سبب هو جو آءٌ جلدي ترسيس ڏانهن ڀڄي ويو هئس، ڇاڪاڻ تہ مون ڄاتو ٿي تہ تون رحيم ۽ مهربان آهين. تون ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ شفقت ڪرڻ ۾ تڪڙو آهين. تون پنهنجي غضب نازل ڪرڻ کان باز اچڻ وارو آهين.


اي خداوند! تو جهڙو ڪو ٻيو معبود آهي ئي ڪونہ. تون پنهنجي قوم جون بدڪاريون معاف ٿو ڪرين. هائو، تون انهن باقي بچي ويلن جا گناهہ درگذر ٿو ڪرين. تون سدائين ڪاوڙيل نہ ٿو رهين، بلڪ اسان تي پنهنجي دائمي شفقت ڪري تون خوش ٿئين ٿو.


تون وري اسان تي رحم ڪري اسان جا سمورا گناهہ معاف ڪري ڇڏيندين. بلڪ تون اسان جي گناهن کي پيرن هيٺان لتاڙي ڇڏيندين، ۽ اسان جي سمورين خطائن کي سمنڊ جي تري ۾ اڇلائي ڇڏيندين.


پر آءٌ انهن قومن کان سخت ناراض آهيان، جيڪي پاڻ تہ امن ۽ سلامتيءَ ۾ ٿيون رهن پر منهنجي قوم لاءِ مصيبتون وڌائي ڇڏيون اٿائون، جڏهن تہ آءٌ پنهنجي قوم تي ايترو ناراض ڪونہ هئس.


پوءِ عيسيٰ چوڻ لڳو تہ ”منهنجي دل ڏکويل آهي، هاڻي آءٌ ڇا چوان؟ ڇا آءٌ ائين چوان تہ ’اي بابا! مون کي هن گھڙيءَ کان بچاءِ‘؟ پر هن گھڙيءَ لاءِ ئي تہ آءٌ آيو آهيان.


آءٌ ٻنهي ڳالهين جي وچ ۾ منجھي پيو آهيان. منهنجي خواهش تہ اها آهي تہ هن دنيا کي ڇڏي وڃي مسيح سان رهان، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ کان بهتر آهي.


پوءِ جڏهن هنن بني اسرائيل جي لشڪر تي حملو ڪيو تڏهن هو گھٻرائجي غارن، گھاٽن جھنگن، ٽڪرين، ڏرن ۽ کڏن ۾ وڃي لڪا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ