Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 23:9 - Muslim Sindhi Bible

9 انهيءَ کان پوءِ ٻيو بهادر اليعزر ولد دودو هو، جيڪو اخوحي گھراڻي جو هو. انهن ”ٽن جو ٽولو“ جي بهادرن مان هن دائود سان گڏجي جنگ لاءِ گڏ ٿيل فلستين کي للڪاريو هو. جيتوڻيڪ دائود جو ٻيو سڄو لشڪر ڀڄي ويو هو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 انهيءَ کان پوءِ اليعزر بن دودي هو، جو هڪڙي اخوحي جو پٽ هو، جو دائود جي ٽن پهلوانن مان هڪڙو هو، جڏهن اسرائيل جا ماڻهو ڀڄي ويا هئا تڏهن هو جنگ لاءِ گڏ ٿيل فلستين کي سامهون پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 23:9
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪنهن اڪيلي ماڻهوءَ تي تہ آسانيءَ سان غلبو حاصل ڪري سگھجي ٿو. مگر ٻہ ڄڻا تہ مقابلو ڪري سگھن ٿا، جيئن چوڻي آهي تہ ”ٽيڻو وٽيل ڌاڳو آسانيءَ سان ڪين ٿو ٽُٽي.“


خداوند وراڻيو تہ ”مون اڪيلي سر قومن کي انگورن وانگر لتاڙيو آهي، ۽ مون سان ڪوبہ ماڻهو شامل نہ هو. هائو، مون پنهنجي غصي ۽ غضب وچان انهن کي پيرن هيٺ لتاڙيو آهي. سو انهن جي رت جا ڇنڊا منهنجي ڪپڙن تي پيا آهن، جنهن سبب منهنجو سڄو لباس ڳاڙهو ٿي ويو آهي.


آءٌ اهو ڏسي حيران ٿي ويو هئس تہ اتي منهنجي مدد ڪرڻ يا هٿي ڏيڻ وارو ڪوبہ ڪونہ هو. تڏهن منهنجي غصي مون کي هٿي ڏني، ۽ مون پنهنجي قدرت سان اها جنگ کٽي ورتي.


تڏهن سڀيئي شاگرد عيسيٰ کي ڇڏي ڀڄي ويا.


اڄ آءٌ بني اسرائيل جي لشڪر کي للڪاريان ٿو تہ منهنجي لاءِ ڪو مرد موڪليو جيڪو مون سان مقابلو ڪري.“


تڏهن دائود پنهنجي ڀرسان بيٺل ماڻهن کان پڇيو تہ ”هي اڻ‌طهريل فلستي ٿيندو ڪير آهي جو جيئري خدا جي لشڪر کي اچي ذليل ڪري! ٻڌايو تہ جيڪو ماڻهو هن فلستيءَ کي ماري ۽ بني اسرائيل تان اهو داغ دور ڪري تنهن کي ڇا ڏنو ويندو؟“


اوهان جي هن ٻانهي شينهن توڙي رڇن کي ماريو آهي. سو هي اڻ‌طهريل فلستي بہ انهن مان ئي هڪڙي وانگر ٿيندو، ڇو تہ هن جيئري خدا جي لشڪر کي اچي ذليل ڪيو آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ