Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 23:8 - Muslim Sindhi Bible

8 دائود وٽ جيڪي بهادر سپاهي هئا، تن مان ٽن جا نالا هي آهن: يوشيب‌بشيبت تحڪموني، جيڪو ”ٽن جو ٽولو“ جي وڏن بهادرن مان مکيہ بهادر هو، جنهن نيزو کڻي هڪڙي ئي مقابلي ۾ اٺ سؤ ماڻهو قتل ڪري ڇڏيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 جيڪي بهادر مرد دائود وٽ هئا، تن جا نالا هي آهن: يوشيب‑بشيبت، تحڪموني جو لشڪري سردارن ۾ وڏو هو؛ اهو ساڳيو ادينو ايزني هو، جنهن هڪڙي ڀيري اٺ سؤ ماڻهو قتل ڪيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 23:8
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود جڏهن اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن هن يوآب کي بهادرن جي سڄي لشڪر سميت اوڏانهن موڪلي ڇڏيو.


پر صدوق ڪاهن، بناياہ ولد يهويدع، ناتن نبي، شمعي، ريعي ۽ دائود جي محافظن ادونياہ جو ساٿ نہ ڏنو.


دائود جا اُهي ناليوارا سپاهي جن بني اسرائيل جي ٻين سڀني ماڻهن سان گڏجي دائود جي مدد ڪئي تہ جيئن کيس بادشاهہ بڻائين، جهڙيءَ طرح خداوند دائود سان واعدو ڪيو هو، سي هي آهن.


هي بني اسرائيل جا اهي ماڻهو آهن جيڪي گھراڻن جا وڏا، لشڪر جا هزارن ۽ سون جا سالار ۽ سپهہ‌سالار هئا ۽ جن ٽولن جي صورت ۾ دائود بادشاهہ لاءِ ملڪ جي هر خدمت سرانجام ٿي ڏني. پوري سال جي هر مهيني الڳ الڳ ٽولو خدمتون انجام ڏيندو هو. انهن مان هر هڪ ٽولي ۾ چوويهہ هزار ماڻهو هوندا هئا.


هي ماڻهو ماهوار پنهنجي ٽولي جا سالار بڻايا ويندا هئا: پهريون مهينو: يسوبعام ولد زبدي‌ايل جيڪو بني فارص ولد يهوداہ مان هو. ٻيو مهينو: دودي اخوحي. مقوت سندس نائب هو. ٽيون مهينو: يهويدع ڪاهن جو پٽ بناياہ. هي اهو بناياہ آهي جيڪو ”ٽيهن جو ٽولو“ جي بهادرن مان سڀني کان طاقتور ۽ سندن اڳواڻ پڻ هو. سندس پٽ عميزباد بہ سندس ٽولي ۾ شامل هو. چوٿون مهينو: يوآب جو ڀاءُ عساهيل. سندس پٽ زبدياہ سندس نائب هو. پنجون مهينو: سمهوت ازراخي. ڇهون مهينو: عيرا ولد عقيس تقوعي. ستون مهينو: بني افرائيم مان خلص فلطي. اٺون مهينو: زرحي ولد يهوداہ جي گھراڻي مان سبڪي حوساتي. نائون مهينو: بني بنيامين مان ابي‌عزر عنتوتي. ڏهون مهينو: زرحي ولد يهوداہ جي گھراڻي مان مهري نطوفاتي. يارهون مهينو: بني افرائيم مان بناياہ فرعاتوني. ٻارهون مهينو: غتني‌ايل جي گھراڻي مان خلدي نطوفاتي.


دائود جو چاچو يونتن عقلمند مشير ۽ شاهي محرر هو. يحي‌ايل ولد حڪموني شهزادن جي سنڀال تي مقرر هو.


هن اُتي هڪڙي گڏهہ جي تازي ڄاڙهہ پيل ڏٺي جيڪا جھپڙ ڏيئي کنيائين ۽ انهيءَ سان هڪ هزار ماڻهن کي ماريائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ