جڏهن بني عمون ڏٺو تہ دائود سان سندن دشمني ٿي پيئي آهي، تڏهن هنن ماڻهو موڪلي بيترحوب جي ارامين ۽ ضوباہ جي ارامين مان ويهہ هزار پيادن کي، معڪہ جي بادشاهہ کي هڪ هزار سپاهين سميت ۽ طوب جي ٻارهن هزار ماڻهن کي، ڪرائي تي گھرائي ورتو.
تڏهن بني عمون پنهنجي گاديءَ واري شهر ربہ کان ٻاهر نڪري شهر جي دروازي جي لنگھہ وٽ جنگ جي لاءِ صفون ٻڌڻ لڳا، جڏهن تہ ضوباہ ۽ رحوب جا ارامي ۽ طوب ۽ معڪہ جا ماڻهو الڳ کُليل ميدان ۾ بيٺل هئا.
سبع ولد بڪريءَ ٻين بني اسرائيل وارن جي سڀني قبيلن جي علائقن وچان لنگھندو بيتمعڪہ واري ابيل شهر وٽ آيو ۽ سندس سڄي گھراڻي وارا ڪٺا ٿي سندس پٺيان شهر ۾ آيا.
منسيءَ جو اولاد يائير، جسُورين ۽ معڪاتين جي سرحد تائين ارجُوب جو سڄو علائقو ورتو. هن بسن جي ڪجھہ ڳوٺن کي پنهنجي نالي سان ”يائير جا ڳوٺ“ ڪري سڏيو، جيڪو نالو اڄ تائين هليو اچي.