Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 23:18 - Muslim Sindhi Bible

18 انهن ”ٽيهن جو ٽولو“ جي بهادرن مٿان يوآب جو ڀاءُ ابي‌شي اڳواڻ هو، جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي. هن پنهنجي نيزي سان ٽي سؤ ماڻهن تي ڪاهہ ڪري کين قتل ڪيو ۽ انهن ”ٽن جو ٽولو“ وارن بهادرن جهڙو نالي وارو ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ۽ انهن ٽنهي مان مکيہ ابيشي يوآب جو ڀاءُ، ضروياہ جو پٽ هو. ۽ انهيءَ پنهنجو نيزو کڻي ٽن سوَن ماڻهن تي ڪاهہ ڪئي، ۽ انهن کي ڪُٺائين، ۽ انهن ٽن مان نالي وارو ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 23:18
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

باقي ٻيا سڀ ماڻهو هن پنهنجي ڀاءُ ابي‌شيءَ جي هٿ هيٺ ڏنا، جنهن انهن کي بني عمون سان مقابلو ڪرڻ لاءِ سندن سامهون تيار ڪري بيهاريو.


جڏهن بني عمون ڏٺو تہ ارامي ڀڄي ويا آهن، تڏهن هو بہ ابي‌شيءَ جي اڳيان وٺي ڀڳا ۽ شهر ۾ گھڙي ويا. پوءِ يوآب بني عمون سان جنگ ڪرڻ کان پوءِ موٽي يروشلم ۾ آيو.


پوءِ دائود انهن کي ٽن ٽولن ۾ روانو ڪيو. هن هڪڙو ٽولو يوآب جي هٿ هيٺ، ٻيو ٽولو يوآب جي ڀاءُ ابي‌شيءَ جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي، تنهن جي هٿ هيٺ ۽ ٽيون ٽولو اِتي نالي هڪڙي جاتيءَ جي هٿ هيٺ روانو ڪري ڇڏيو. بادشاهہ جوانن کي چيو تہ ”آءٌ پاڻ بہ اوهان سان گڏ هلندس.“


ضروياہ جا ٽي پٽ يوآب، ابي‌شي ۽ عساهيل اتي هئا. عساهيل ڊوڙڻ ۾ اهڙو تہ تکو هو جهڙو جھنگلي هرڻ.


پر عماسا انهيءَ تلوار ڏانهن ڪوبہ ڌيان ڪونہ ڏنو جيڪا يوآب وري کڻي ڪري کاٻي هٿ ۾ جھلي. تڏهن هن اها عماسا جي پيٽ ۾ اهڙي تہ لنگھائي جو سندس آنڊا نڪري زمين تي اچي ڪريا. هو هڪدم مري ويو، سو يوآب مٿس ٻيو وار نہ ڪيو. پوءِ يوآب ۽ سندس ڀاءُ ابي‌شيءَ، سبع جو پيڇو جاري رکيو.


هو انهن ”ٽيهن جو ٽولو“ ۾ وڌيڪ معزز هو، تڏهن ئي سندن اڳواڻ ٿيو. انهيءَ هوندي بہ هو پهرئين ”ٽن جو ٽولو“ جي رتبي کي نہ پهتو.


سو اهڙيءَ طرح يوآب ۽ سندس ڀاءُ ابي‌شي ابنير کان بدلو ورتو، ڇاڪاڻ تہ ابنير جنگ دوران جِبعون ۾ سندن ڀاءُ عساهيل کي قتل ڪيو هو.


انهن جون ڀينرون ضروياہ ۽ ابيجيل هيون. ضروياہ جا جملي ٽي پٽ هئا: ابي‌شي، يوآب ۽ عساهيل.


ڪنهن اڪيلي ماڻهوءَ تي تہ آسانيءَ سان غلبو حاصل ڪري سگھجي ٿو. مگر ٻہ ڄڻا تہ مقابلو ڪري سگھن ٿا، جيئن چوڻي آهي تہ ”ٽيڻو وٽيل ڌاڳو آسانيءَ سان ڪين ٿو ٽُٽي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ