2.سموئيل 23:17 - Muslim Sindhi Bible17 پاڻي هاريندي هن چيو تہ ”اي خداوند! ائين ڪيئن ٿي سگھي ٿو جو آءٌ اهو پيئان؟ اهو تہ انهن ماڻهن جي رت پيئڻ جي مثال آهي، جيڪي پنهنجيون جانيون خطري ۾ وجھي اهو کڻي آيا آهن.“ سو هن اهو پاڻي نہ پيتو. انهن ٽنهي وڏن بهادرن جا اهي ئي ڪارناما هئا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible17 ۽ هن چيو تہ اي خداوند، شل ائين نہ ٿئي تہ آءٌ هيئن ڪريان: هي ماڻهو پنهنجي ساهہ تان آهو کڻي ويا تن جو رت پيئان ڇا؟ تنهنڪري هن اهو پاڻي نہ پيتو. انهن ٽنهي پهلوانن هي ڪم ڪيا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تنهنڪري آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ مون برابر واعدو ڪيو هو تہ تنهنجو گھراڻو ۽ تنهنجي پيءُ جو گھراڻو منهنجي حضور ۾ ڪاهن طور هميشہ خدمت ڪندو رهي. پر هاڻي مون کان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي مون کي تعظيم ٿا ڏين، تن کي آءٌ عزت ڏيندس ۽ جيڪي مون کان منهن موڙين ٿا، سي بيآبرو ڪيا ويندا.