Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 23:10 - Muslim Sindhi Bible

10 تنهن هوندي بہ اليعزر ميدان ۾ لهي ايترا تہ فلستي ماريا جو هن جو هٿ ٿڪجي پيو ۽ تلوار سندس هٿ سان چنبڙي پيئي. انهيءَ ڏينهن خداوند کين وڏي فتح ڏني. پوءِ دائود جو لشڪر رڳو ڦرلُٽ ڪرڻ لاءِ موٽي اليعزر وٽ آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 هو اُٿيو ۽ فلستين کي اهڙو ماريائين جو سندس هٿ ٿڪجي پيو ۽ ترار سندس هٿ سان چنبڙي پئي: ۽ خداوند انهيءَ ڏينهن وڏي فتح ڏني، ۽ ماڻهو انهيءَ جي پٺيان رڳو لٽ ڪرڻ لاءِ موٽيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 23:10
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن سمہ پوک کي بچائڻ لاءِ ان جي وچ ۾ ٿي بيهي رهيو ۽ فلستين کي قتل ڪري ڇڏيائين. خداوند کيس وڏي فتح بخشي.


ارام جي بادشاهہ جو هڪڙو سپهہ‌سالار هو جنهن جو نالو نعمان هو. پنهنجي مالڪ جي نظر ۾ هو وڏو ڳُڻن ڀريو ماڻهو هو ۽ سندس وڏي عزت هئي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جي وسيلي خداوند ارام ملڪ کي فتح ڏني هئي. هو هڪ بهادر سپاهي هو، پر کيس ڪوڙهہ جهڙي چمڙيءَ جي بيماري هئي.


هو فسدميم ۾ فلستين سان دائود جي طرفان وڙهيو. جڏهن بني اسرائيل جي لشڪر ۾ اچي ڀاڄ پيئي تڏهن هو جَوَن جي پوک ۾ هو.


خدا جي مدد سان اسين فتح جا جوهر ڏيکارينداسين، ڇوجو اهو ئي آهي جيڪو اسان جي دشمنن کي لتاڙيندو.


تون جيڪو بادشاهن کي سوڀ ٿو بخشين، ۽ جنهن پنهنجي بندي دائود کي خوني تلوار کان بچايو آهي،


”بادشاهہ پنهنجي لشڪرن سوڌا پوئتي هٽي ڀڄندا ٿا وڃن. هاڻ گھرن ۾ ويٺل عورتون سندن لٽ جو مال پيون ورهائين.


جيئن تہ هن پنهنجي جان موت جي حوالي ڪئي، تنهنڪري آءٌ خداوند هن کي عزت ۽ طاقت عطا ڪندس. ماڻهن هن کي گنهگار سمجھيو، جڏهن تہ هن گھڻن جا گناهہ پنهنجي سر تي کنيا، ۽ بدڪارن جي شفاعت ڪيائين.“


سو آءٌ رڳو انهن ڪمن بابت دليريءَ سان ڳالهايان ٿو، جيڪي مسيح غير قومن کي خدا جو تابعدار ڪرڻ لاءِ منهنجي قول ۽ فعل جي وسيلي ڪيا.


جڏهن تہ اسين پاڻ بابت نہ پر عيسيٰ مسيح بابت تبليغ ڪريون ٿا تہ هو ئي خداوند آهي ۽ پنهنجي لاءِ هيئن ٿا چئون تہ عيسيٰ جي خاطر اسين اوهان جا خادم آهيون.


خداوند انهن کي بني اسرائيل جي اڳيان مونجھاري ۾ وجھي ڇڏيو ۽ جِبعون وٽ کين وڏي شڪست ڏنائين. بني اسرائيل بيت‌حورون شهر جي لنگھہ وٽان ويندي هنن جو پيڇو ڪيو ۽ ڏکڻ طرف عزيقاہ ۽ مقيدہ شهرن تائين کين ماريندا ويا.


اهي سڀ بادشاهہ ۽ انهن جا علائقا، يشوع هڪڙي ئي ڦيري ۾ قبضي ڪيا، ڇاڪاڻ تہ خداوند، بني اسرائيل جو خدا انهن پاران وڙهيو پئي.


پوءِ خداوند انهن کي بني اسرائيل جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو ۽ بني اسرائيل انهن کي ماريندا ويا ۽ اتر ۾ وڏي صيدا، مسرفات‌المائم ۽ اوڀر ۾ مصفاہ جي ماٿريءَ تائين انهن جو پيڇو ڪيائون، تان جو انهن مان ڪوبہ جيئرو نہ بچيو.


جڏهن هو لحيءَ جي هنڌ وٽ اچي پهتو تڏهن فلستي رڙيون ڪندي مٿس چڙهي آيا. تڏهن خداوند جو روح هن تي زور ساڻ نازل ٿيو ۽ جيڪي رسا هن جي ٻانهن ۽ هٿن جي چوڌاري ٻڌل هئا تن کي هن ٽوڙي ڇڏيو، ڄڻ تہ اُهي سڙيل سڻيءَ مان ٺهيل هئا.


پوءِ سمسون کي ڏاڍي اڃ لڳي، سو خداوند کي پڪاري چوڻ لڳو تہ ”تو پنهنجي ٻانهي کي هيڏي وڏي سوڀ ڏني آهي. هاڻ ڀلا آءٌ اڃ کان مران ڇا ۽ هنن اڻ‌طهريلن جي قبضي ۾ اچي وڃان ڇا؟“


پر سائول چيو تہ ”اڄ اوهان مان ڪنهن کي بہ قتل نہ ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ تہ اڄ خداوند بني اسرائيل کي بچايو آهي.“


اهڙيءَ طرح خداوند انهيءَ ڏينهن بني اسرائيل کي فتح بخشي. جنگ بيت‌آون جي هن پار تائين وڃي پهتي


يونتن پنهنجي هٿياربردار جوان کي وري چيو تہ ”اچ تہ هنن اڻ‌طهريلن جي پهريدارن ڏانهن هلون. من خداوند اسان جي لاءِ ڪم ڪري، ڇاڪاڻ تہ ڇڏائڻ جي لاءِ خداوند کي گھڻن يا ٿورن جي ڪابہ رڪاوٽ ڪانهي.“


پوءِ جڏهن بني اسرائيل فلستين جي پيڇي ڪرڻ کان واپس موٽيا تہ اچي انهن جي لشڪر‌گاهہ ۾ ڦرلُٽ ڪيائون.


هن پنهنجو سِر تريءَ تي رکي وڃي انهيءَ فلستي جالوت کي ماريو، جنهن تي خداوند سڄي بني اسرائيل کي هڪ وڏي فتح حاصل ڪرائي. توهان پاڻ اها ڏٺي ۽ ڏاڍا خوش ٿيا. تڏهن ڇو هن بي‌گناهہ جو رت بي‌سبب هاري اوهين گنهگار ٿيڻ ٿا گھرو؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ