Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 22:8 - Muslim Sindhi Bible

8 پوءِ ڌرتي ڌڏي ويئي ۽ ڏڪڻ لڳي، جبلن جي بنيادن ۾ پڻ جنبش اچي ويئي، هائو، جڏهن خداوند ڪاوڙيو تہ اهي بہ لرزڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 تڏهن زمين لڏي ويئي ۽ ڏڪڻ لڳي، آسمان جو بنياد سندس ڪاوڙ جي ڪري ڌڏڻ ۽ لڏڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 22:8
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو جيڪو بہ شخص انهن کي برباد ڪرڻ چاهي ٿو، تنهن کي لوهہ جي لٺ يا نيزو استعمال ڪرڻو پوندو، تڏهن ئي انهن کي باهہ اندر اڇلائي ساڙي سگھبو.“


هن جي ڌمڪيءَ کان آسمان جا ٿنڀا بہ ڏڪي ۽ ڪنبي وڃن ٿا.


پوءِ ڌرتي ڌڏي ويئي ۽ ڏڪڻ لڳي، جبلن جي بنيادن ۾ پڻ جنبش اچي ويئي. هائو، جڏهن خداوند ڪاوڙيو تہ اهي بہ لرزڻ لڳا.


تڏهن ڌرتي ڌُڏي ويئي هئي ۽ تو آڏو آسمان وٺا هئا، هائو، تنهنجي سينا جبل تي ظاهر ٿيڻ سان، تو بني اسرائيل جي خدا جي آڏو.


تنهنجي گجگوڙ جو آواز واچوڙي منجھہ ٿيو آهي. وڄ جهان کي روشن ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ڌرتي ڌڏي ۽ ڪنبي ويئي آهي.


تنهنجي واٽ سمنڊ جي وچان آهي، تنهنجو رستو وڏن بحرن مان آهي، توڙي تنهنجي پيرن جا ڪي بہ نشان نہ ٿا ڏسجن.


سندس وِڄ ايڏو تہ چمڪاٽ ٿي ڪري، جو انهيءَ کي ڏسي ڌرتي بہ ڏڪيو ٿي وڃي.


هن جي اڳيان جبل بہ ڏڪڻ لڳن ٿا، ۽ پهاڙ بہ پگھرجي وڃن ٿا. زمين هن جي اڳيان ڪنبڻ لڳي ٿي، هائو، سڄي دنيا پنهنجي رهاڪن سميت ٿڙڪڻ لڳي ٿي.


انهيءَ دم هيڪل جو مقدس ترين جاءِ وارو پردو مٿي کان وٺي هيٺ تائين ٻن حصن ۾ چيرجي ويو. ڌرتي ڌڏي ويئي، ڏونگر ڏري پيا


ايتري ۾ ڏاڍو زوردار زلزلو آيو ۽ خداوند جو هڪڙو ملائڪ آسمان مان هيٺ لٿو ۽ قبر جي منهن واري پٿر کي پاسي تي ريڙهي مٿس چڙهي ويٺو.


جڏهن انهن دعا گھري پوري ڪئي تہ اها جاءِ ڌڏي ويئي جتي هو گڏ ٿيا هئا. اهي سڀيئي پاڪ روح سان ڀرجي ويا ۽ مسيح بابت خدا جو پيغام بي‌ڊپا ٿي ماڻهن کي ٻڌائڻ لڳا.


اي خداوند! جڏهن تون ادوم جي جبلن کان هلي اڳتي وڌئين، تڏهن ڌرتي لرزي ويئي ۽ آسمان پڻ اٿلي پيو هو، هائو، تڏهن ڪڪرن بہ ڏاڍو پاڻي وسايو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ