5 موت جي ڇولين مون کي وڪوڙي ڇڏيو هو، هائو، برباديءَ جي ٻوڏ مون کي ٻوڙي ڇڏيو هو.
5 ڇالاءِ جو موت جي لهرن مون کي وڪوڙيو، بيدينيءَ جي سيلاب مون کي ڊيڄاريو.
موت جي ڇولين مون کي وڪوڙي ڇڏيو هو، هائو، برباديءَ جي ٻوڏ مون کي ٻوڙي ڇڏيو هو.
تڏهن بہ ڏينهن جي وقت خداوند مون کي پنهنجي دائمي شفقت ڏيکاري ٿو، ۽ رات جي وقت مون کان پنهنجو گيت ڳارائي ٿو. هائو، آءٌ انهيءَ جي واکاڻ ٿو ڳايان، جيڪو منهنجي حياتيءَ جو خدا آهي.
هو پنهنجي ڦوڪ ڏيڻ سان هڪ وڏي ٻوڏ جيان دشمنن تي اچي ڪڙڪندو. تڏهن اولهہ توڙي اوڀر جون قومون سندس جلال واري نالي کان ڊڄي وينديون.
تو مون کي اونهي سمنڊ منجھہ اڇلائي ڇڏيو هو، سمنڊ جا سيلاب مون کي ڪُنَ ۾ گهِلي ويا. اي خدا! تنهنجيون سڀ ڇوليون ۽ موجون مون مٿان گذريون.
”جڏهن اوهين ڏسو تہ يروشلم کي لشڪرن گھيري ورتو آهي، تڏهن ڄاڻجو تہ سندس تباهيءَ جو وقت اچي ويجھو ٿيو آهي.
جنهن وقت ماڻهو چوندا هوندا تہ ”ڪو ڊپ ڪونهي، اسين محفوظ آهيون،“ انهيءَ وقت اوچتو ئي اوچتو مٿن تباهي ائين اچي نازل ٿيندي جيئن پيٽ واري عورت کي سور ٿيڻ لڳندا آهن. تڏهن اهي هرگز نہ بچندا.
پوءِ انهن ستن ملائڪن مان جن وٽ ست پيالا هئا، هڪڙي اچي مون کي چيو تہ ”هيڏانهن اچ تہ تو کي ڏيکاريان تہ انهيءَ مشهور ڪسبياڻيءَ کي ڪهڙي سزا ڏني ويندي، يعني انهيءَ وڏي شهر کي جيڪو گھڻن دريائن جي ڀرسان اڏيل آهي.
پوءِ ملائڪ مون کي چيو تہ ”جن دريائن جي ڀرسان تو ڪسبياڻيءَ کي ويٺل ڏٺو، سي قومون، قبيلا، ٻولين وارا ۽ ذاتيون آهن.