Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 22:49 - Muslim Sindhi Bible

49 ۽ جنهن مون کي دشمنن کان بچايو آهي، تنهن جي شل واکاڻ پيئي ٿئي! اي خداوند! مخالفن جي ظلم کان تو ئي مون کي بچائي ورتو آهي، بلڪ مون کي انهن مٿان سرفراز ڪيو اٿيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

49 ۽ جو مون کي پنهنجن دشمنن مان ڪڍي وٺي ٿو: هائو، جيڪي منهنجي مٿان ڪاهي اچن ٿا تن جي مٿان تون مون کي چاڙهين ٿو: تون مون کي ظلم ڪندڙ ماڻهوءَ کان ڇڏائين ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 22:49
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ايتري ۾ اهو سوڊاني بہ اچي پهتو ۽ چوڻ لڳو تہ ”منهنجي آقا بادشاهہ جي لاءِ خوشخبري آهي تہ خداوند اڄوڪي ڏينهن انهن سڀني ماڻهن کان تنهنجو بدلو ورتو آهي، جن تنهنجي خلاف بغاوت ڪئي هئي.“


تڏهن دائود کي پڪ ٿي تہ ”خداوند مون کي بني اسرائيل جي مٿان بادشاهہ طور قائم ڪري ڇڏيو ۽ منهنجي بادشاهيءَ کي پنهنجي قوم بني اسرائيل جي خاطر سرفراز ڪيو اٿس.“


اي خداوند! مون کي بڇڙن ماڻهن کان ڇڏاءِ، بلڪ انهن ظالمن کان مون کي بچائي رک،


اي خداوند! مون کي بڇڙن جي هٿن کان بچاءِ، بلڪ انهن ظالمن کان مون کي بچائي رک، جيڪي منهنجا پير ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا.


تنهن جي شل واکاڻ پيئي ٿئي! ڇاڪاڻ تہ هن ئي مون کي دشمنن کان بچايو آهي. اي خداوند! مخالفن جي ظلم کان تو ئي مون کي بچائي ورتو آهي، بلڪ مون کي انهن مٿان سرفراز ڪيو اٿيئي.


اسان پنهنجن دشمنن کي تنهنجي مدد سان ڌڪي ٿي ڪيرايو، ۽ تنهنجي ئي نالي سان پنهنجن مخالفن کي لتاڙي ٿي ڇڏيو.


اي زورآور ظالم! تون بڇڙائيءَ تي ڇو ٿو فخر ڪرين؟ جڏهن تہ رڳو خدا جي رحمت ئي دائمي آهي.


اوهين ۽ اوهان جو اولاد اهڙو تہ خوشحال ٿيندو، جيئن جھجھي پاڻيءَ جي ڀر وارا باغيچا هوندا آهن. اوهان جو بادشاهہ اَجاج جي بادشاهہ کان وڌيڪ زورآور ٿيندو، ۽ سندس بادشاهت تمام بلنديءَ تي وڃي پهچندي.


هو مسڪينن ۽ محتاجن کي ڪچري جي ڍير مان ڪڍي کين شان وَ شوڪت سان شهزادن سان گڏ تخت تي ويهاري ٿو. هو اهو ئي خداوند آهي جنهن ڌرتيءَ جا ٿنڀا کوڙيا آهن، جن جي مٿان هن هي جهان قائم ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ