48 اهو خدا، جنهن مون کي بدلي وٺڻ جي سگھہ ڏني، جنهن غير قومن کي مات ڪري منهنجي تابع ڪيو،
48 اهو خدا، جو منهنجي پاران وير وٺي ٿو، ۽ قومن کي منهنجي هيٺان ڪري ٿو،
تنهن کان پوءِ صدوق جي پٽ اخيمعض يوآب کي چيو تہ ”مون کي موڪل ڏي تہ ڊوڙي وڃي آءٌ بادشاهہ کي خوشخبري ڏيان تہ ڪيئن نہ خداوند سندس دشمنن کان بدلو ورتو آهي.“
ايتري ۾ اهو سوڊاني بہ اچي پهتو ۽ چوڻ لڳو تہ ”منهنجي آقا بادشاهہ جي لاءِ خوشخبري آهي تہ خداوند اڄوڪي ڏينهن انهن سڀني ماڻهن کان تنهنجو بدلو ورتو آهي، جن تنهنجي خلاف بغاوت ڪئي هئي.“
هنن اشبوست جي سسي حبرون شهر ۾ دائود بادشاهہ وٽ آندي ۽ کيس چيائون تہ ”اِجھا، هيءَ اشبوست جي سسي آهي، جيڪو توهان جي دشمن سائول جو پٽ هو، جنهن توهان کي مارڻ ٿي گھريو. اڄ خداوند اسان جي آقا بادشاهہ جو وير سائول ۽ سندس اولاد کان ورتو آهي.“
خداوند منهنجي مالڪ بادشاهہ کي هيئن فرمايو هو تہ ”آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن هيٺان ڪندس. تون منهنجي ساڄي پاسي ويٺو ڏس.“
هو مون تي ٻاجھہ ڪندڙ ۽ منهنجو ڇڏائڻ وارو آهي. هو منهنجو قلعو، بلڪ مضبوط قلعو آهي. هو ئي منهنجو بچاءُ ۽ منهنجي جاءِپناهہ آهي. هو ئي ٻين قومن کي منهنجي تابع ٿو ڪري.
اي خداوند! اي بدلو وٺندڙ خدا! هائو، اي بڇڙن کان بدلو وٺندڙ خدا! پنهنجو جلال ڏيکار.
اهو ضروري آهي تہ مسيح تيستائين حڪمراني ڪري، جيستائين هو سڀني دشمنن کي پنهنجي قدمن هيٺان نہ ڪري.
هاڻ سندن مصيبت جو اهو ڏينهن ويجھو آهي، جڏهن خدا بدلو وٺي کين سزا ڏيندو. هائو، اهو ڏينهن اچي پهتو آهي جڏهن سندن پير تِرڪي پوندا، ۽ اهي هڪدم تباهہ وَ برباد ڪيا ويندا.
شل خداوند منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ انصاف ڪري ۽ توهان کان منهنجو وير وٺي. باقي منهنجو هٿ توهان تي ڪين کڄندو.
جڏهن خداوند منهنجي آقا کي اهي چڱيون شيون عطا ڪندو، جن بابت توهان سان واعدو ڪيو اٿائين ۽ توهان کي بني اسرائيل مٿان بادشاهہ مقرر ڪندو،
جڏهن دائود ٻڌو تہ نابال مري ويو آهي تڏهن چوڻ لڳو تہ ”واکاڻ هجي انهيءَ خداوند جي، جنهن نابال کان منهنجي بيعزتيءَ جو بدلو ورتو ۽ پنهنجي ٻانهي کي بديءَ کان بچايو. اٽلندو نابال جي شرارت سندس ئي گردن ۾ وڌائين.“ پوءِ دائود ابيجيل ڏانهن ساڻس شادي ڪرڻ جو پيغام موڪليو.