33 خدا ئي منهنجو مضبوط قلعو آهي، منهنجيءَ راهہ کي هو ئي سنئون سڌو ٿو بڻائي.
33 خدا منهنجو مضبوط قلعو آهي: ۽ هو ڪامل ماڻهوءَ کي پنهنجي رستي تي سونهون ٿي هلائي ٿو.
”خداوند منهنجو حفاظت ڪندڙ آهي، هو منهنجو ڇڏائيندڙ ۽ منهنجو قلعو آهي.
تنهنجي نيڪي قادرِمطلق کي ڪو فائدو پهچائي سگھي ٿي ڇا؟ تنهنجي پاڪيزہ زندگيءَ جو خدا تي ڪو اثر پوي ٿو ڇا؟
آءٌ دل وَ جان سان تنهنجي سنئين راهہ تي هلندس. تون ڪڏهن اچي منهنجي مدد ڪندين؟ آءٌ پنهنجي بادشاهت ۾ بلڪل سچيءَ دل سان هلندس.
منهنجيون اکيون ملڪ جي ايماندار ماڻهن تي کتل آهن، تانتہ اهي محل جي اندر مون سان گڏجي رهن. جيڪي سنئين راهہ تي ٿا هلن سي ئي منهنجي خدمت ڪندا.
بيشڪ اهي سڀاڳا آهن، جيڪي پوريءَ طرح سچ جي راهہ تي هلن ٿا، هائو، اهي ئي جيڪي خداوند جي شريعت تي عمل ٿا ڪن.
خدا ئي آهي جيڪو منهنجي ڪمر تي سندرو ٻڌي ٿو. هو ئي منهنجيءَ راهہ کي محفوظ بڻائي ٿو.
خداوند منهنجي روشني ۽ منهنجو بچاءُ آهي. پوءِ ڇو آءٌ ڪنهن کان ڊڄان؟ خداوند منهنجي جاءِپناهہ آهي. پوءِ ڇو آءٌ ڪنهن جو ڊپ رکان؟
تو خداوند مون کي فرمايو تہ ”آءٌ تنهنجي رهنمائي ڪندس، ۽ تو کي هلڻ جو رستو ڏيکاريندس. آءٌ تو کي صلاح ڏيندو رهندس، منهنجي نظر تنهنجي مٿان ئي رهندي.
خدا اسان جي پناهہ ۽ اسان جي طاقت آهي. اهو مصيبت جي وقت تي هر دم تيار مددگار آهي.
منهنجي طاقت ۽ راڳ خداوند آهي، هو ئي منهنجو بچائيندڙ آهي. آءٌ سندس تعريف ڪندس، جو هو ئي منهنجو خدا آهي، بلڪ منهنجي پيءُ جو بہ اهو ئي خدا آهي، آءٌ سندس واکاڻ ڳائيندس.
تنهنڪري اوهين ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان سان گڏ آهيان. اوهين خوف وچان گھٻرايو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جو خدا آهيان. آءٌ اوهان کي طاقت عطا ڪندس ۽ اوهان جي مدد ڪندس. هائو، آءٌ اوهان جي پوري حفاظت ڪندس، ۽ اوهان کي بچائيندس.
آءٌ کين پنهنجي طاقت بخشيندس، ۽ هو منهنجو نالو وٺي پيا هلندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
پر هن مون کي چيو تہ ”منهنجو فضل تنهنجي لاءِ ڪافي آهي، ڇاڪاڻ تہ منهنجي قدرت ڪمزوريءَ ۾ مڪمل ٿي وڃي ٿي.“ تنهنڪري هاڻي آءٌ وڏي خوشيءَ سان پنهنجي ڪمزورين تي ئي فخر ڪندس، تہ جيئن مسيح جي قدرت منهنجي مٿان ڇانيل رهي.
انهيءَ کان علاوہ اوهين سڀ خداوند عيسيٰ ۾ سندس قدرت سان ڀرپور ٿي طاقتور ٿيو.
اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ بيقصور ٿي رهجو.“
مطلب تہ خداوند عيسيٰ جيڪو مون کي طاقت بخشي ٿو تنهن ۾ آءٌ هر ڳالهہ کي منهن ڏيئي ٿو سگھان.
شل سو ئي اوهان کي هر چڱي برڪت بخشي ڪامل بڻائي، تہ جيئن اوهين سندس مرضي پوري ڪريو. شل هو عيسيٰ مسيح جي وسيلي اسان سڀني ۾ اهو ڪجھہ پيدا ڪري جيڪو کيس پسند آهي. سندس عظمت جي واکاڻ هميشہ ٿيندي رهي. آمين.