10 پوءِ خداوند آسمان کي چيري اچي نازل ٿيو، هن جي پيرن هيٺان طوفاني ڪڪر هئا.
10 هن آسمان کي بہ جهڪايو ۽ هيٺ لهي آيو، ۽ سندس پيرن هيٺ گهاٽي اونداهي هئي.
تڏهن سليمان چيو تہ ”اي خداوند! تو فرمايو آهي تہ ’آءٌ اونداهي ڪڪر ۾ رهندس،‘
تو پنهنجي ماڙين کي آسمان تي تعمير ڪيو آهي. تون ڪڪرن کي پنهنجي سواري بڻائين ٿو، ۽ واءُ جي بازن تي پرواز ڪرين ٿو.
تنهن هوندي بہ اي خداوند! آسمان کي چيري هيٺ اچي نازل ٿيءُ. تون جبلن کي ڇُهُہ تہ انهن مان دونهون نڪري،
هو گھُگھُہ اونداهي ڪڪر جي پردي وچان سچائيءَ ۽ انصاف سان بادشاهي ڪري ٿو.
جڏهن ٽئين ڏينهن جو صبح ٿيو تہ گجگوڙ ٿيڻ لڳي ۽ وڄ چمڪڻ لڳي. پوءِ هڪڙو گھاٽو ڪڪر جبل جي مٿان آيو ۽ نفيل جو اهڙو تہ تمام وڏو آواز ٻڌڻ ۾ آيو جو خيميگاهہ جا سڀيئي ماڻهو ڏڪي ويا.
پر تڏهن بہ ماڻهو پري ئي بيٺا رهيا ۽ موسيٰ پاڻ انهيءَ گھاٽي ڪڪر جي ويجھو ويو، جنهن ۾ خدا هو.
تون اسان سان اهڙي هلت ٿو ڪرين، ڄڻڪ تون ڪڏهن بہ اسان جو حاڪم نہ رهيو آهين، ۽ ڄڻڪ اسين ڪڏهن بہ تنهنجي قوم نہ رهيا آهيون.
خداوند ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو پر طاقت ۾ عظيم آهي، ۽ ڏوهارين کي سزا ڏيڻ کان سواءِ ڪڏهن بہ ڪين ڇڏيندو. خداوند جي گھمڻ سان واچوڙا ۽ طوفان پيدا ٿين ٿا، ۽ ڪڪر سندس پيرن جي دَز مان ٺهن ٿا.
منجھند جو سڄي ملڪ ۾ اونداهي ڇانئجي ويئي، جيڪا اٽڪل ٽي بجي تائين هلي.
سو اوهين ويجھا اچي انهيءَ جبل جي هيٺان بيٺا. اهو جبل اونداهي دونهين جي گھاٽن بادلن سان ڍڪيل هو ۽ انهيءَ جي مٿان آسمان جي اندر تائين باهہ پئي ٻري.