Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 21:7 - Muslim Sindhi Bible

7 دائود سائول جي پوٽي، يعني يونتن جي پٽ مفيبوست کي جيئدان ڏنو، ڇاڪاڻ تہ دائود بادشاهہ ۽ سائول جي پٽ يونتن جي وچ ۾ خداوند جو قسم کنيل هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 پر بادشاهہ مفيبوست، بن يونتن، بن سائول کي ڇڏي ڏنو، ڇالاءِ جو هنن جي وچ ۾ خداوند جو قسم هو، يعني دائود ۽ يونتن بن سائول جي وچ ۾.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 21:7
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بادشاهہ ضيبا کي چيو تہ ”مفيبوست جي جيڪا بہ شيءِ آهي سا سڀ هاڻي تنهنجي آهي.“ ضيبا وراڻي ڏيندي چيو تہ ”آءٌ تعظيم بجا ٿو آڻيان، اي منهنجا آقا بادشاهہ! شل آءٌ تنهنجي نظر ۾ مان لهان.“


جڏهن هو يروشلم کان بادشاهہ سان ملڻ لاءِ آيو تڏهن بادشاهہ کيس چيو تہ ”اي مفيبوست! تون مون سان گڏ ڇو نہ هليو هئين؟“


سائول جي ٻئي پٽ يونتن کي هڪڙو منڊو پٽ هو، جنهن جو نالو مفيبوست هو. جڏهن سائول ۽ يونتن جي مرڻ جي خبر يزرعيل شهر ۾ پهتي هئي تہ ان وقت هو پنجن سالن جو هو. تڏهن سندس دائي کيس کڻي اُٿي ڀڳي هئي ۽ جيئن ئي هوءَ تڪڙي ٿي ڊوڙي تيئن هو ڪري پيو ۽ ٻنهي ٽنگن کان منڊو ٿي پيو هو.


هڪڙي ڏينهن دائود پڇيو تہ ”ڇا سائول جي گھراڻي مان ڪو باقي بچيو آهي؟ جي آهي، تہ آءٌ انهيءَ تي يونتن جي خاطر مهرباني ڪريان.“


سو تون پنهنجي پٽن ۽ نوڪرن سميت هن جي لاءِ زمين آباد ڪري پيداوار کڻي اچي کيس ڏجانء، تہ جيئن تنهنجي آقا جي پوٽي جو گذران ٿئي. باقي تنهنجي آقا جو پوٽو مفيبوست پاڻ هميشہ منهنجي دسترخوان تي ماني کائيندو.“ ضيبا کي پندرهن پٽ ۽ ويهہ نوڪر هئا.


جڏهن سائول جو پوٽو، يونتن جو پٽ مفيبوست دائود وٽ اچي پهتو، تڏهن ڪنڌ جھڪائي تعظيم ڪيائين. دائود چيس تہ ”اي مفيبوست!“ هن ورندي ڏنس تہ ”اِجھو، اوهان جو ٻانهو حاضر آهي.“


تڏهن دائود چيس تہ ”ڊڄ نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجي پيءُ يونتن جي ڪري ضرور تو تي مهرباني ڪندس ۽ تنهنجي ڏاڏي سائول جي سموري زمين تو کي موٽائي ڏيندس. تون هميشہ منهنجي دسترخوان تي ماني کائيندين.“


آءٌ اوهان کي صلاح ٿو ڏيان تہ اوهين پنهنجي بادشاهہ جي حڪمن تي عمل ڪجو، ڇاڪاڻ تہ خدا پنهنجي واعدي مطابق هن کي مقرر ڪيو آهي.


۽ ساڻس دائمي دوستيءَ جو عهد اقرار ڪيائين.


اتي يونتن دائود کي چيو تہ ”خداوند، بني اسرائيل جو خدا شاهد رهي تہ سڀاڻي يا پرينهن هن ئي وقت آءٌ پنهنجي پيءُ کان جاچ لهي وٺندس. پوءِ جيڪڏهن تنهنجي حق ۾ ڪا چڱا ئي هوندي تہ انهيءَ دم آءٌ ماڻهو موڪلي تو کي اطلاع ڏيندس.


تہ بہ تون منهنجي گھر سان مهرباني ڪري وفادار رهجانء، انهيءَ ئي وقت تائين جڏهن خداوند تنهنجي سڀني دشمنن کي سڄي ڌرتيءَ تان ناس ڪري ڇڏيو هوندو.“


يونتن دائود کان انهيءَ محبت منجھان جيڪا هن سان هئس وري بہ قسم کڻايو، ڇاڪاڻ تہ يونتن ساڻس پنهنجي ساهہ جهڙو پيار ڪندو هو.


تڏهن يونتن دائود کي چيو تہ ”خير سان روانو ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ اسان ٻنهي خداوند جي نالي جو قسم کنيو آهي ۽ چيو اٿئون تہ خداوند منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ ۽ منهنجي اولاد ۽ تنهنجي اولاد جي وچ ۾ هميشہ لاءِ شاهد رهندو.“ پوءِ دائود اُٿي روانو ٿيو ۽ يونتن شهر ڏانهن موٽي ويو.


تنهنڪري تون پنهنجي ٻانهي سان مهربانيءَ وارو سلوڪ ڪر، ڇو تہ تو پنهنجي ٻانهي سان خداوند جي آڏو عهد اقرار ڪيو آهي. پر جيڪڏهن مون کان ڪو قصور ٿيو هجي تہ تون پاڻ ڀلي مون کي قتل ڪري ڇڏ، مگر تون مون کي پنهنجي پيءُ جي هٿ ۾ ڇو ٿو ڏئين؟“


پوءِ انهن ٻنهي خداوند جي آڏو پاڻ ۾ عهد اقرار ڪيو، جنهن بعد دائود ٻيلي ۾ ئي رهي پيو ۽ يونتن پنهنجي گھر ڏانهن هليو ويو.


تڏهن دائود سائول سان قسم کڻي واعدو ڪيو. پوءِ سائول گھر روانو ٿي ويو، جڏهن تہ دائود پنهنجي ماڻهن سميت چڙهي انهيءَ پهاڙي علائقي ۾ هليو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ