Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 21:21 - Muslim Sindhi Bible

21 جڏهن هن بني اسرائيل جي ماڻهن کي للڪاريو، تڏهن دائود جي ڀاءُ سمعيءَ جي پٽ يونتن انهيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 ۽ جڏهن انهيءَ اسرائيل کي وڙهڻ لاءِ هاڪاريو، تڏهن دائود جي ڀاءُ سمعيءَ جي پٽ يونتن انهيءَ کي ڪُٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 21:21
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

امنون جو هڪڙو دوست هوندو هو، جنهن جو نالو يوندب هو. هو دائود جي ڀاءُ سمعہ جو پٽ هو ۽ ڏاڍو چالاڪ ماڻهو هو.


ان کان پوءِ وري جات شهر ۾ جنگ لڳي، جتي هڪڙو وڏي قد وارو ماڻهو بہ هو، جنهن جي هٿن ۽ پيرن ۾ ڇهہ ڇهہ آڱريون هيون. کيس جملي چوويهہ آڱريون هيون ۽ هو بہ راڪاس جهڙن طاقتور فلستين مان هو.


اهي چار ئي ڄڻا جات شهر جي راڪاس جهڙن طاقتور فلستين مان هئا ۽ اهي دائود ۽ سندس ماڻهن جي هٿان مارجي ويا.


ڀلا حمات، ارفاد، سفروائيم، هينع ۽ عوا شهرن جا بادشاهہ ڪٿي آهن؟“


يسيءَ جا ست پٽ نمبروار هي هئا: الياب، ابينداب، سمعي،


دائود جو چاچو يونتن عقلمند مشير ۽ شاهي محرر هو. يحي‌ايل ولد حڪموني شهزادن جي سنڀال تي مقرر هو.


تڏهن يسيءَ ٽئين پٽ سمہ کي اڳيان آندو. پر سموئيل چيو تہ ”هن کي بہ خداوند ڪين چونڊيو آهي.“


اڄ آءٌ بني اسرائيل جي لشڪر کي للڪاريان ٿو تہ منهنجي لاءِ ڪو مرد موڪليو جيڪو مون سان مقابلو ڪري.“


هڪڙي پاسي واري جبل تي فلستي تہ ٻئي پاسي واري جبل تي بني اسرائيل بيٺا هئا. سندن وچ ۾ هڪڙي ماٿري هئي.


اوهان جي هن ٻانهي شينهن توڙي رڇن کي ماريو آهي. سو هي اڻ‌طهريل فلستي بہ انهن مان ئي هڪڙي وانگر ٿيندو، ڇو تہ هن جيئري خدا جي لشڪر کي اچي ذليل ڪيو آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ