Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 21:17 - Muslim Sindhi Bible

17 پر ابي‌شي جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي، تنهن اچي دائود جي مدد ڪئي ۽ انهيءَ راڪاس جهڙي طاقتور فلستيءَ کي شڪست ڏيئي قتل ڪري ڇڏيائين. تنهن کان پوءِ دائود جي ماڻهن کيس قسم ڏيئي چيو تہ ”اڳتي اوهين اسان سان جنگ تي نہ هلو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جي ختم ٿيڻ سان متان بني اسرائيل جو ڏيئو اجھامي نہ وڃي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 پر ابيشي بن ضروياہ هن جي مدد ڪئي، ۽ انهيءَ فلستيءَ کي شڪست ڏيئي ڪُٺائين، تنهن کان پوءِ دائود جي ماڻهن کيس قسم ڏيئي چيو تہ اڳتي تون اسان سان جنگ تي نہ هلندين متان اسرائيل جو ڏيئو اُجهائي ڇڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 21:17
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي سڄو گھراڻو اوهان جي ٻانهيءَ سان وڙهڻ لاءِ سنڀري آيو آهي. اهي چون ٿا تہ ’جنهن پنهنجي ڀاءُ کي ماريو آهي، سو اسان جي حوالي ڪر تہ اسين سندس ڀاءُ جي خون جي عيوض ۾ کيس قتل ڪريون.‘ اهڙيءَ طرح اهي وارث کي بہ ماري ختم ڪري ڇڏيندا. پوءِ جيڪو منهنجو ٽانڊو باقي بچيو آهي سو بہ اجھائي ڇڏيندا ۽ ڌرتيءَ تان منهنجي مڙس جو نالو نشان ئي مِٽائي ڇڏيندا.“


پوءِ دائود انهن کي ٽن ٽولن ۾ روانو ڪيو. هن هڪڙو ٽولو يوآب جي هٿ هيٺ، ٻيو ٽولو يوآب جي ڀاءُ ابي‌شيءَ جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي، تنهن جي هٿ هيٺ ۽ ٽيون ٽولو اِتي نالي هڪڙي جاتيءَ جي هٿ هيٺ روانو ڪري ڇڏيو. بادشاهہ جوانن کي چيو تہ ”آءٌ پاڻ بہ اوهان سان گڏ هلندس.“


پر انهن چيس تہ ”اوهان اسان سان گڏ نہ هلو، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن اسين ڀڄي نڪتاسين تہ هو اسان جي ڪابہ پرواهہ نہ ڪندا، يا جيڪڏهن اسان مان اڌ جيترا کڻي مئا تہ بہ هو اسان جي ڪابہ پرواهہ نہ ڪندا. پر اوهين اسان جهڙن ڏهن هزارن جي مٽ آهيو. تنهنڪري هاڻي بهتر ائين آهي تہ اوهين شهر ۾ ئي رهو ۽ اتان اسان ڏانهن مدد موڪلجو.“


هنن حملو ڪري مون کي مصيبت ۾ وجھي ڇڏيو هو، پر خداوند منهنجو سهارو بڻيو.


اي خداوند! تون ئي مون کي روشني ڏين ٿو، هائو، منهنجي اونداهيءَ کي تون ئي دور ڪرين ٿو.


پر هن جي پٽ کي آءٌ هڪڙو قبيلو ڏيندس، تہ جيئن يروشلم جو شهر جيڪو مون پنهنجي نالي قائم رکڻ لاءِ چونڊيو آهي تنهن ۾ منهنجي ٻانهي دائود جو ڏيئو منهنجي اڳيان هميشہ روشن رهي.


انهيءَ هوندي بہ دائود جي خاطر، خداوند سندس خدا ابياہ کي هڪ پٽ ڏنو تہ جيئن کانئس پوءِ هو يروشلم ۾ بادشاهي ڪري ۽ يروشلم کي مضبوط رکي،


اتي آءٌ دائود جي اولاد مان هڪ زورآور بادشاهہ کڙو ڪندس، ۽ پنهنجي انهيءَ مسح ڪري مخصوص ڪيل جو ڏيئو سدائين ٻريل رکندس.


تون جيڪو بادشاهن کي سوڀ ٿو بخشين، ۽ جنهن پنهنجي بندي دائود کي خوني تلوار کان بچايو آهي،


خدا اسان جي پناهہ ۽ اسان جي طاقت آهي. اهو مصيبت جي وقت تي هر دم تيار مددگار آهي.


تڏهن يوحنان جِدلياہ کي ڳجھہ ڳوهہ ۾ چيو تہ ”مون کي اجازت ڏيو تہ آءٌ اسماعيل ولد نتنياہ کي قتل ڪريان، انهيءَ ڳالهہ جي ڪنهن کي بہ خبر نہ پوندي. آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ هو اوهان جي جان وٺي ۽ پوءِ جيڪي يهوداہ وارا اوهان وٽ اچي گڏ ٿيا آهن سي وري ڇڙوڇڙ ٿي وڃن ۽ يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو پڻ ناس ٿي وڃن.“


يحيٰ ٻرندڙ ۽ چمڪندڙ ڏيئي وانگر هو ۽ اوهان گھڙي پلڪ هن جي روشنيءَ ۾ خوش رهڻ پسند ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ