Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 21:16 - Muslim Sindhi Bible

16 تڏهن اشبي‌بنوب نالي هڪڙي راڪاس جهڙي طاقتور فلستي جنهن جي پتل واري نيزي جي تور اٽڪل ساڍا ٽي ڪلوگرام هئي ۽ هڪڙي نئين تلوار سندس چيلهہ سان ٻڌل هئي، تنهن دائود کي مارڻ جو ارادو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ اشبي بنوب، جو راڪاس جي پٽن مان هو، ۽ جنهن جي نيزي جي تور پتل جا ٽي سؤ شيڪل هئي، ۽ هڪڙي نئين ترار سندس چيلهہ سان ٻڌل هئي، تنهن دائود کي مارڻ جو ارادو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 21:16
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

چوڏهين سال ڪدرلاعمر ۽ سندس اتحادي بادشاهہ پنهنجين فوجن سان آيا ۽ رفائين کي عشتارات‌قرنيم ۾، زوزين کي هام ۾، ايمين کي سوي‌قريتيم شهر ۾


تن ڏينهن ۾ ۽ پوءِ بہ، زمين تي راڪاس هئا، جيڪي آسماني مخلوق ۽ انهن عورتن جو اولاد هئا. اهي ئي پراڻي زماني جا نالي وارا پهلوان هئا.


انهيءَ کان علاوہ وري جُوب ۾ فلستين سان ٻي جنگ لڳي، جنهن ۾ سبڪي حوساتيءَ سف نالي راڪاس جهڙي هڪڙي طاقتور فلستيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو.


ان کان پوءِ وري جات شهر ۾ جنگ لڳي، جتي هڪڙو وڏي قد وارو ماڻهو بہ هو، جنهن جي هٿن ۽ پيرن ۾ ڇهہ ڇهہ آڱريون هيون. کيس جملي چوويهہ آڱريون هيون ۽ هو بہ راڪاس جهڙن طاقتور فلستين مان هو.


اهي چار ئي ڄڻا جات شهر جي راڪاس جهڙن طاقتور فلستين مان هئا ۽ اهي دائود ۽ سندس ماڻهن جي هٿان مارجي ويا.


فلستي اچي رفائين جي ماٿريءَ ۾ پهچي اُتي رهي پيا.


پهريائين هو ملڪ جي ڏاکڻي پاسي کان ٿيندا حبرون ۾ آيا جتي عناق جو اولاد يعني احيمن، شيشي ۽ تلمي رهندا هئا. حبرون، مصر جي شهر صعن کان ست سال اڳي ٻڌو ويو هو.


پر جيڪي ماڻهو اتي رهن ٿا سي ڏاڍا زورآور آهن ۽ انهن جا شهر تمام وڏا ۽ ڪوٽن وارا آهن. اسان اتي عناق جو اولاد بہ ڏٺو.


هاڻي اسين اوڏانهن ڪيئن وڃون؟ اسان جن کي ملڪ جو حال معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو هو تن تہ اسان جي دل ڀڃي ڇڏي آهي. هو چون ٿا تہ اُتي جا ماڻهو اسان کان وڌيڪ طاقتور آهن، سندن قد ڊگھا آهن، هنن جا شهر وڏا آهن ۽ انهن شهرن جون ڀتيون آسمان سان ڳالهيون ٿيون ڪن. ان کان سواءِ هنن اتي عناق جو اولاد راڪاس بہ ڏٺا آهن.‘


عار جي شهر ۾ پهريائين ايميم رهندا هئا، جيڪي عناق جي اولاد وانگر طاقتور، گھڻا ۽ قداور هئا.


عناق جي اولاد وانگر اهي بہ راڪاس ڪري ڄاتا ويندا هئا. پر موآبي انهن کي ايميم ڪري سڏيندا هئا.


اهي ماڻهو بہ راڪاسن وانگر طاقتور، گھڻا ۽ قداور هئا. پر خداوند انهن کي بني عمون جي اڳيان برباد ڪيو ۽ انهن جي جاءِ تي بني عمون پاڻ رهڻ لڳا.


رفائين جي نسل منجھان رڳو بسن جو بادشاهہ عوج وڃي رهيو هو. هن جو پلنگ لوهہ جو ٺهيل هو، جنهن جي ڊيگھہ چار ميٽر ۽ ويڪر پوڻا ٻہ ميٽر هئي. اهو بني عمون جي شهر ربہ ۾ اڃا بہ موجود آهي.


اتي جا ماڻهو ڊگھا ۽ طاقتور يعني راڪاس جو اولاد آهن، جن کي اوهين ڄاڻو ٿا. انهن بابت اوهان اهو بہ ٻڌو آهي تہ ’ڪير آهي جيڪو راڪاس جي اولاد جو مقابلو ڪري سگھي؟‘


عناق جي اولاد مان ڪنهن کي بہ بني اسرائيل جي ملڪ ۾ جيئرو نہ ڇڏيو ويو، رڳو غزہ، جات ۽ اشدود ۾ ڪي وڃي بچيا.


ڪالب ٽن عناقي قبيلن يعني سيسي، اخيمان ۽ تلمي جيڪي عناق جو اولاد هئا، تن کي اُتان ڀڄائي ڪڍيو.


سندس نيزي جي ڏانگ، ڪوريءَ جي آڏاڻي مٿان جيڪا لٺ هوندي آهي تنهن جيتري ٿلهي هئي ۽ نيزي جي لوهي ڦر جو وزن اٽڪل ست ڪلوگرام هئس. هڪڙو سپاهي ڍال کنيو سندس اڳيان هلندو پئي آيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ