پوءِ يهوداہ جا ماڻهو حبرون ۾ آيا ۽ اتي هنن دائود کي مسح ڪري کيس يهوداہ جي قبيلي مٿان بادشاهہ بڻايو. جڏهن دائود کي ٻڌايو ويو تہ جِلعاد علائقي جي يبيس شهر جي ماڻهن ئي سائول کي دفن ڪيو هو،
تڏهن اياہ جي ڌيءَ رصفہ جبل تي انهن لاشن وٽ پنهنجي لاءِ کٿو وڇايو ۽ فصل لهڻ جي شروعات کان وٺي برسات جي موسم تائين، ڏينهن رات انهن لاشن جي پکين ۽ جھنگلي جانورن کان حفاظت ڪندي رهي.
تڏهن دائود وڃي جِلعاد علائقي جي يبيس شهر جي ماڻهن کان سائول ۽ سندس پٽ يونتن جا هڏا ورتا، جيڪي هنن بيتشان جي چونڪ مان چورايا هئا، جتي فلستين هنن کي انهيءَ ڏينهن ڦاسيءَ تي چاڙهيو هو جنهن ڏينهن سائول کي جِلبوعہ ۾ قتل ڪيو هئائون.