Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 20:9 - Muslim Sindhi Bible

9 يوآب عماسا کي چيو تہ ”اي منهنجا ڀاءُ! تنهنجو ڪهڙو حال آهي؟“ پوءِ يوآب عماسا کي ساڄي هٿ سان ڏاڙهيءَ کان جھلي کيس چمي ڏيڻ لاءِ اڳتي وڌيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ يوآب سڄي هٿ سان عماسا جي ڏاڙهي ورتي، انهي لاءِ تہ هن کي چُمي ڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 20:9
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو جڏهن بہ ڪو ماڻهو هن کي تعظيم ڏيڻ لاءِ ويجھو ايندو هو، تڏهن هو پنهنجو هٿ ڊگھيڙي انهيءَ ماڻهوءَ کي وٺي چمندو هو.


ابي‌سلوم يوآب جي بدران عماسا کي لشڪر جي مٿان سالار مقرر ڪيو. عماسا اِترا نالي هڪڙي شخص جو پٽ هو جيڪو اسماعيل جي اولاد مان هو. اِترا جي زال جو نالو ابيجيل هو، جا ناحس جي ڌيءَ ۽ يوآب جي ماءُ ضروياہ جي ڀيڻ هئي.


تنهن تي بادشاهہ پڇيس تہ ”اهو جوان ابي‌سلوم تہ سلامت آهي نہ؟“ اخيمعض ورندي ڏنس تہ ”جڏهن يوآب اوهان جي هن ٻانهي کي روانو ڪيو، تڏهن مون هڪڙو وڏو گوڙ شور ڏٺو، پر مون کي خبر نہ پيئي تہ ڇا ٿيو.“


جڏهن ابنير حبرون ۾ موٽي آيو، تڏهن يوآب ساڻس اڪيلائيءَ ۾ ڳالهائڻ جي بهاني کيس هڪ پاسي دروازي واري وچين حصي ۾ وٺي ويو ۽ اتي پنهنجي ڀاءُ عساهيل جي خون جي عيوض هن کي پيٽ ۾ خنجر هڻي ماري وڌائين.


جيڪو رت هن وهايو هو تنهن جو کيس خداوند بدلو ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ هن منهنجي پيءُ دائود جي بي‌خبريءَ ۾ ٻن ڄڻن تي حملو ڪري کين تلوار سان ماري ڇڏيو هو. اهي ٻيئي ڄڻا، عماسا ولد يتر جيڪو بني يهوداہ جي لشڪر جو سپهہ‌سالار هو ۽ ابنير ولد نير جيڪو باقي بني اسرائيل جي لشڪر جو سپهہ‌سالار هو، سي هن کان بهتر ۽ سچار هئا.


سندس ڳالهيون مکڻ وانگر ملائم هيون، پر سندس دل ۾ جنگ هئي. هن جون ڳالهيون تيل کان بہ سڻڀيون هيون، پر اگھاڙي تلوار وانگر هيون.


دل ۾ نفرت رکندي زبان سان مٺڙيون ڳالهيون ڪرڻ ائين آهي، جيئن ڪنهن ڪچي ٺڪر جي ٿانوَ تي عمدو رنگ ڪيو ويو هجي.


دوست جي هٿان پهتل زخم بہ وفا سان ڀرپور آهن، مگر دشمن جو ڳل سان لائڻ بہ سراسر دوکو ۽ فريب آهي.


تڏهن اسماعيل پنهنجي ڏهن ئي ساٿين سميت اُٿي جِدلياہ کي تلوار جا وار ڪري ماري ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ اهو بابل جي بادشاهہ طرفان مٿن گورنر مقرر ڪيو ويو هو.


ساڳيءَ طرح هن ملڪ ۾ ڪو نيڪ ماڻهو نظر ئي نہ ٿو اچي. هائو، ڪنهن کي بہ خدا جو خوف ڪونہ آهي. هر ڪو ماڻهو ٻئي جو خون ڪرڻ لاءِ تاڙ ۾ ويٺو آهي، ۽ پنهنجي هم‌وطنن کي شڪار ڪرڻ لاءِ هر ڪو ڄار وڇايو ويٺو آهي.


تڏهن بني اسرائيل وري خداوند کي پڪاريو. سو هن سندن لاءِ هڪڙو ڇڏائيندڙ اٿاريو جنهن جو نالو اهود ولد جيرا هو. هو کاٻڙيو هو ۽ بنيامين قبيلي مان هو. بني اسرائيل هن جي هٿان موآب جي بادشاهہ عجلون ڏانهن ڏنُ ڏياري موڪليو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ