Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 20:6 - Muslim Sindhi Bible

6 تڏهن دائود ابي‌شيءَ کي چيو تہ ”سبع ولد بڪري اسان کي ابي‌سلوم کان بہ وڌيڪ نقصان پهچائيندو. سو تون منهنجو لشڪر وٺي انهيءَ جي پٺيان ڪاهي پئُہ، متان هو قلعي وارا شهر هٿ ڪري ۽ اسان کان بچي وڃي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ دائود ابيشيءَ کي چيو تہ هاڻي بڪريءَ جو پٽ سبع اسان کي ابي سلوم کان بہ زيادہ نقصان پهچائيندو: تون پنهنجي ڌڻيءَ جا نوڪر وٺي وڃ ۽ انهيءَ جي پٺيان ڪاهي وڃ، متان هو پنهنجي لاءِ قلعي وارا شهر هٿ ڪري، ۽ ماڻهن جي نظر کان گم ٿي وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 20:6
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن بني عمون ڏٺو تہ ارامي ڀڄي ويا آهن، تڏهن هو بہ ابي‌شيءَ جي اڳيان وٺي ڀڳا ۽ شهر ۾ گھڙي ويا. پوءِ يوآب بني عمون سان جنگ ڪرڻ کان پوءِ موٽي يروشلم ۾ آيو.


تڏهن اورياہ دائود کي وراڻيو تہ ”يهوداہ بلڪ سڄي بني اسرائيل جا ماڻهو ۽ عهد واري صندوق جنگ جي ميدان ۾ هجي، منهنجو سپهہ‌سالار يوآب ۽ منهنجي آقا بادشاهہ جا سالار کُليل ميدان تي منزل ڪيو لٿا پيا هجن ۽ آءٌ پنهنجي گھر وڃي کاوان، پيئان ۽ پنهنجيءَ زال سان وڃي سمهان؟ هرگز نہ، اوهان جي سر جو ۽ اوهان جي جان جو قسم آهي تہ مون کان اهو ڪم ڪين ٿيندو.“


پر انهيءَ ماڻهوءَ يوآب کي ورندي ڏني تہ ”جيڪڏهن منهنجي هٿ تي چانديءَ جا هزار سڪا بہ رکيا وڃن ها، تہ بہ آءٌ بادشاهہ جي پٽ تي پنهنجو هٿ نہ کڻان ها. ياد ڪر، اسان جي روبرو بادشاهہ تو کي، ابي‌شيءَ کي ۽ اِتيءَ کي تاڪيد ڪري چيو هو تہ ’منهنجي خاطر انهيءَ جوان ابي‌سلوم جو بچاءُ ڪجو.‘


پوءِ دائود انهن کي ٽن ٽولن ۾ روانو ڪيو. هن هڪڙو ٽولو يوآب جي هٿ هيٺ، ٻيو ٽولو يوآب جي ڀاءُ ابي‌شيءَ جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي، تنهن جي هٿ هيٺ ۽ ٽيون ٽولو اِتي نالي هڪڙي جاتيءَ جي هٿ هيٺ روانو ڪري ڇڏيو. بادشاهہ جوانن کي چيو تہ ”آءٌ پاڻ بہ اوهان سان گڏ هلندس.“


تنهنڪري هاڻي تون اُٿ، ٻاهر هلي پنهنجي لشڪر جي همت‌افزائي ڪر، نہ تہ آءٌ خداوند جو قسم کڻي ٿو چوان تہ جيڪڏهن تون ٻاهر نہ هلندين تہ اڄ رات ٿيڻ تائين تو وٽ هڪڙو بہ ماڻهو ڪين رهندو ۽ اها ڳالهہ تنهنجي لاءِ انهن سڀني آفتن کان وڌيڪ خراب هوندي، جيڪي جوانيءَ کان وٺي هن وقت تائين تو تي نازل ٿيون آهن.“


ضروياہ جا ٽي پٽ يوآب، ابي‌شي ۽ عساهيل اتي هئا. عساهيل ڊوڙڻ ۾ اهڙو تہ تکو هو جهڙو جھنگلي هرڻ.


پر ابي‌شي جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي، تنهن اچي دائود جي مدد ڪئي ۽ انهيءَ راڪاس جهڙي طاقتور فلستيءَ کي شڪست ڏيئي قتل ڪري ڇڏيائين. تنهن کان پوءِ دائود جي ماڻهن کيس قسم ڏيئي چيو تہ ”اڳتي اوهين اسان سان جنگ تي نہ هلو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جي ختم ٿيڻ سان متان بني اسرائيل جو ڏيئو اجھامي نہ وڃي.“


انهن ”ٽيهن جو ٽولو“ جي بهادرن مٿان يوآب جو ڀاءُ ابي‌شي اڳواڻ هو، جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي. هن پنهنجي نيزي سان ٽي سؤ ماڻهن تي ڪاهہ ڪري کين قتل ڪيو ۽ انهن ”ٽن جو ٽولو“ وارن بهادرن جهڙو نالي وارو ٿيو.


سو اهڙيءَ طرح يوآب ۽ سندس ڀاءُ ابي‌شي ابنير کان بدلو ورتو، ڇاڪاڻ تہ ابنير جنگ دوران جِبعون ۾ سندن ڀاءُ عساهيل کي قتل ڪيو هو.


جيتوڻيڪ آءٌ مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ آهيان، تڏهن بہ اڄوڪي ڏينهن آءٌ ڪمزور آهيان. جڏهن تہ هي قاتل، ضروياہ جا پٽ مون کان ڏاڍا آهن. خداوند شل بڇڙائي ڪندڙ کي سندس بڇڙائيءَ موجب بدلو ڏئي.“


تڏهن بادشاهہ کين چيو تہ ”اوهين منهنجا عملدار پاڻ سان وٺي وڃو ۽ منهنجي پٽ سليمان کي منهنجي خچر تي چاڙهي جيحون چشمي ڏانهن روانا ٿيو.


يوآب جو ڀاءُ ابي‌شي ”ٽيهن جو ٽولو“ جو اڳواڻ هو. هن پنهنجو نيزو کڻي ٽي سؤ ماڻهن تي ڪاهہ ڪري کين ماري وڌو ۽ انهن ”ٽن جو ٽولو“ وارن بهادرن جهڙو نالي وارو ٿيو.


ابي‌شي، جنهن جي ماءُ جو نالو ضروياہ هو تنهن ارڙهن هزار ادومي ڪلر واري ماٿريءَ ۾ ماري وڌا.


تڏهن ماڻهو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”جيئن تہ خداوند اسان جي خدا اسان لاءِ ناس ٿيڻ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ۽ اسان کي زهريلو پاڻي پيئڻ لاءِ ڏنو اٿس، ڇو تہ اسين هن جا ڏوهاري آهيون، پوءِ اسين ڇو هتي ماٺ ڪري ويٺا آهيون؟ پاڻ ۾ گڏ ٿيو ۽ هلو تہ ڪوٽن وارن شهرن ڏانهن ڀڄي هلون، پوءِ ڀلي اتي ناس ٿيون.


”جيڪڏهن ڪنهن بادشاهت ۾ ڏڦيڙ پوندو تہ اها جٽاءُ ڪري نہ سگھندي


تڏهن اخيملڪ حتيءَ ۽ يوآب جي ڀاءُ ابي‌شيءَ جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي، تن ٻنهي کان دائود پڇيو تہ ”سائول جي خيمي‌گاهہ ۾ مون سان گڏجي ڪير هلندو؟“ تنهن تي ابي‌شيءَ ورندي ڏنس تہ ”آءٌ توهان سان گڏجي هلندس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ