هن کيس پاڻ کان ٻئي درجي واري گاڏيءَ ۾ ويهاريو ۽ سندس اڳيان پڙهو ڏياريائين تہ ”گوڏا کوڙيو! گوڏا کوڙيو!“ اهڙيءَ طرح هن يوسف کي مصر جي سڄي ملڪ تي وزير اعظم مقرر ڪيو.
فرعون پنهنجي ٻوليءَ ۾ يوسف جو نالو صفناتفعنيح رکيو. هن يوسف جي شادي اون شهر جي مذهبي اڳواڻ فوطيفرع جي ڌيءَ آسنات سان ڪرائي. پوءِ يوسف مصر جي سڄي ملڪ جو گشت ڪيو.
ڳائڻا جيڪي آسف جو اولاد هئا سي انهن هنڌن تي بيهي رهيا جيڪي هنڌ بادشاهہ دائود جي هدايت سان آسف، هيمان ۽ بادشاهہ جي غيبدان يدوتون مقرر ڪيا هئا. دربانن کي پنهنجو پنهنجو در ڇڏڻ جي ضرورت ڪانہ هئي، ڇاڪاڻ تہ هنن جي همقوم لاوين انهن لاءِ عيد فصح جي قربانين جي تياري پئي ڪئي.
منسيءَ جو اولاد يائير، جسُورين ۽ معڪاتين جي سرحد تائين ارجُوب جو سڄو علائقو ورتو. هن بسن جي ڪجھہ ڳوٺن کي پنهنجي نالي سان ”يائير جا ڳوٺ“ ڪري سڏيو، جيڪو نالو اڄ تائين هليو اچي.