Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 20:21 - Muslim Sindhi Bible

21 حقيقت ائين ناهي، بلڪ افرائيم جي جابلو علائقي جو هڪڙو ماڻهو، جنهن جو نالو سبع ولد بڪري آهي، تنهن دائود بادشاهہ جي خلاف بغاوت ڪئي آهي. سو اوهين رڳو اهو منهنجي حوالي ڪريو تہ آءٌ شهر کان هليو ويندس.“ تڏهن انهيءَ عورت يوآب کي چيو تہ ”ڏس، انهيءَ جي سسي ڀت تان اڇلائي تو کي ڏني ويندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 حقيقت ائين ناهي: پر افرائيم جي ڪوهستان جو هڪڙو ماڻهو، جنهن جو نالو سبع بن بڪري آهي، تنهن بادشاهہ تي، يعني دائود تي، پنهنجو هٿ کنيو آهي: رڳو انهي جي ٻانهن ڪڍي ڏي تہ آءٌ شهر مان هليو ويندس. ۽ زال يوآب کي چيو تہ ڏس، انهيءَ جي سسي ڀت تان اُڇلائي توکي ڏني ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 20:21
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتفاق سان بنيامين قبيلي جو هڪڙو خبيث ماڻهو سبع ولد بڪري اتي جِلجال ۾ هو. انهيءَ نفيل وڄائي رڙ ڪري چيو تہ ”يسيءَ جي پٽ دائود ۾ اسان جو ڪوبہ حصو پتي ڪونهي، نڪي وري هاڻ هن سان ڪو اسان جو واسطو آهي. تنهنڪري اي اسان جي قبيلن وارؤ! هلو تہ پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي هلون.“


تڏهن اهي سڀيئي ماڻهو دائود کي ڇڏي سبع جي پٺيان لڳي پيا. پر بني يهوداہ جا ماڻهو اردن درياءَ کان وٺي يروشلم تائين پنهنجي بادشاهہ سان گڏ آيا.


يوآب ورندي ڏيئي چيس تہ ”هرگز نہ! خدا نہ ڪري جو آءٌ ائين ڪريان ۽ هن شهر کي برباد ڪريان.


انهن ”ٽيهن جو ٽولو“ جي بهادرن مٿان يوآب جو ڀاءُ ابي‌شي اڳواڻ هو، جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي. هن پنهنجي نيزي سان ٽي سؤ ماڻهن تي ڪاهہ ڪري کين قتل ڪيو ۽ انهن ”ٽن جو ٽولو“ وارن بهادرن جهڙو نالي وارو ٿيو.


سليمان بادشاهہ جي هڪڙي عملدار يربعام ولد نباط پڻ سندس خلاف بغاوت ڪئي. هو صريدہ ۾ رهندڙ هڪڙو افرائيمي هو ۽ صروعہ نالي هڪڙي رن‌زال جو پٽ هو.


سو جڏهن اهو خط کين مليو تڏهن هنن بادشاهہ جي اولاد مان ستر ئي ڄڻن جون سسيون لاهي ڇڏيون. هنن اهي سسيون ٽوڪرين ۾ وجھي ييهوءَ ڏانهن يزرعيل شهر ۾ ڏياري موڪليون.


جيحازيءَ وراڻيو تہ ”هائو، ٻيو سڀ خير آهي. منهنجي مالڪ مون کي موڪليو آهي ۽ چوايو اٿس تہ ’بلڪل هينئر، افرائيم جي جابلو علائقي مان مون وٽ نبين جي جماعت مان ٻہ ڄڻا آيا آهن. مهرباني ڪري انهن جي لاءِ پنجٽيهہ ڪلوگرام چاندي ۽ ٻہ وڳا ڪپڙن جا ڏي.‘“


دان شهر ۽ افرائيم جي جابلو علائقي مان آيل قاصد مصيبت جو اعلان ڪن ٿا.


پر آءٌ بني اسرائيل کي سندن وطن ۾ موٽائي آڻيندس. پوءِ هو ڪرمل جبل ۽ بسن جي سرسبز علائقن جا فصل پيا کائيندا، بلڪ افرائيم ۽ جِلعاد جي علائقن ۾ هو خوشحالي پيا ماڻيندا.


هارون جي پٽ اليعزر وفات ڪئي ۽ کيس انهيءَ ٽڪريءَ تي دفن ڪيو ويو، جيڪا سندس پٽ فينحاس کي افرائيم جي جابلو علائقي ۾ ڏني ويئي هئي.


کيس جعس جبل جي اتر ۾ بني افرائيم جي جابلو علائقي ۾ تمنت حرس منجھہ سندس ورثي واري زمين ۾ دفن ڪيو ويو.


جِدعون افرائيم جي سڄي جابلو علائقي ۾ قاصدن وسيلي چوائي موڪليو تہ ”مديانين سان وڙهڻ لاءِ نڪري اچو ۽ بيت‌برہ تائين اردن درياءَ جا سمورا گھٽ هٿ ڪريو تہ جيئن مدياني ٽپي نہ وڃن.“ سو افرائيم جا سڀيئي ماڻهو اچي گڏ ٿيا ۽ بيت‌برہ تائين اردن درياءَ جا گھٽ قبضي ڪيائون.


جڏهن بني اسرائيل جي ماڻهن ڏٺو تہ ابيملڪ مري ويو آهي، تڏهن اهي سڀ پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي ويا.


تڏهن هن پنهنجي ماڻهن کي چيو تہ ”خداوند شل ائين نہ ڪري جو آءٌ پنهنجي آقا تي هٿ کڻان جيڪو خداوند جو مسح ڪرايل بادشاهہ آهي ۽ جنهن کي خداوند پاڻ چونڊيو آهي.“


پر دائود چيس تہ ”هن کي نہ مار، ڇاڪاڻ تہ ڪير آهي جيڪو خداوند جي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ تي پنهنجو هٿ کڻي ۽ پوءِ بہ بي‌گناهہ رهي؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ