Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 20:20 - Muslim Sindhi Bible

20 يوآب ورندي ڏيئي چيس تہ ”هرگز نہ! خدا نہ ڪري جو آءٌ ائين ڪريان ۽ هن شهر کي برباد ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ يوآب ورندي ڏيئي چيو تہ شل مون کان ائين نہ ٿئي تہ ڪي ڳڙڪايان يا برباد ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 20:20
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر عماسا انهيءَ تلوار ڏانهن ڪوبہ ڌيان ڪونہ ڏنو جيڪا يوآب وري کڻي ڪري کاٻي هٿ ۾ جھلي. تڏهن هن اها عماسا جي پيٽ ۾ اهڙي تہ لنگھائي جو سندس آنڊا نڪري زمين تي اچي ڪريا. هو هڪدم مري ويو، سو يوآب مٿس ٻيو وار نہ ڪيو. پوءِ يوآب ۽ سندس ڀاءُ ابي‌شيءَ، سبع جو پيڇو جاري رکيو.


اسين هن شهر وارا سڄي بني اسرائيل ۾ صلح پسند ۽ ديانتدار آهيون ۽ تون وري اسان جو ئي شهر جيڪو بني اسرائيل ۾ هڪڙي ماءُ جي حيثيت ٿو رکي تنهن کي برباد ڪرڻ ٿو گھرين! تون ڇو خداوند جي ميراث کي ڳڙڪائڻ ٿو چاهين؟“


حقيقت ائين ناهي، بلڪ افرائيم جي جابلو علائقي جو هڪڙو ماڻهو، جنهن جو نالو سبع ولد بڪري آهي، تنهن دائود بادشاهہ جي خلاف بغاوت ڪئي آهي. سو اوهين رڳو اهو منهنجي حوالي ڪريو تہ آءٌ شهر کان هليو ويندس.“ تڏهن انهيءَ عورت يوآب کي چيو تہ ”ڏس، انهيءَ جي سسي ڀت تان اڇلائي تو کي ڏني ويندي.“


پاڻي هاريندي هن چيو تہ ”اي خداوند! ائين ڪيئن ٿي سگھي ٿو جو آءٌ اهو پيئان؟ اهو تہ انهن ماڻهن جي رت پيئڻ جي مثال آهي، جيڪي پنهنجيون جانيون خطري ۾ وجھي اهو کڻي آيا آهن.“ سو هن اهو پاڻي نہ پيتو. انهن ٽنهي وڏن بهادرن جا اهي ئي ڪارناما هئا.


اهي دعويٰ ٿا ڪن تہ هو پنهنجي طاقت جي ذريعي ڪاميابيون ٿا ماڻين. سو آءٌ انهن کان ۽ انهن جي غلط خيالن کان پاڻ کي پري ٿو رکان.“


تنهن هوندي بہ خدا ئي سندن گھر چڱين شين سان ڀري ڇڏيا. پر آءٌ انهن کان ۽ انهن جي غلط خيالن کان پاڻ کي بلڪل پري ٿو رکان.


جيڪو پنهنجا گناهہ نہ ٿو باسي، سو زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ ڪامياب نہ ٿيندو. مگر جيڪو پنهنجا گناهہ قبول ڪندي انهن کان توبهہ‌تائب ٿئي ٿو، تنهن تي خدا پنهنجو رحم نازل ڪندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”دل سڀني شين کان وڌيڪ پُرفريب آهي، انهيءَ جي ٺڳي لاعلاج آهي، انهيءَ جي ڳُجھہ کي ڪير سمجھي سگھي ٿو؟


پر هن پاڻ کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ عيسيٰ کان پڇيو تہ ”منهنجو پاڙيسري ڪير آهي؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ