Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 20:19 - Muslim Sindhi Bible

19 اسين هن شهر وارا سڄي بني اسرائيل ۾ صلح پسند ۽ ديانتدار آهيون ۽ تون وري اسان جو ئي شهر جيڪو بني اسرائيل ۾ هڪڙي ماءُ جي حيثيت ٿو رکي تنهن کي برباد ڪرڻ ٿو گھرين! تون ڇو خداوند جي ميراث کي ڳڙڪائڻ ٿو چاهين؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ۽ آءٌ انهن مان آهيان جي اسرائيل ۾ صلح پسند ۽ ديانت دار آهن: تون اسرائيل ۾ هڪ شهر بلڪ ماءُ کي برباد ڪرڻ جي خواهش ٿو رکين: تون خداوند جي ميراث کي ڳڙڪائڻ ٿو گهرين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 20:19
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ابراهيم خداوند جي ويجھو آيو ۽ پڇيائينس تہ ”ڇا تون واقعي سچارن کي بدڪارن سان گڏ برباد ڪندين؟


تڏهن بادشاهہ منهنجي ڳالهہ ٻڌي پنهنجي ٻانهيءَ کي انهيءَ ماڻهوءَ جي هٿان ڇڏائي، جيڪو مون کي ۽ منهنجي پٽ کي خدا جي ڏنل ميراث مان بي‌دخل ڪرڻ ٿو گھري.


حوسيءَ کين وڌيڪ چيو تہ ”هاڻي اوهين جلدي ڪريو ۽ دائود کي چوائي موڪليو تہ هو اڄ رات بيابان ۾ درياءَ جي گھاٽن وٽ رهي نہ پوي، بلڪ جلدي پار لنگھي هليو وڃي، انهيءَ لاءِ تہ متان دائود بادشاهہ ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ آهن سي سڀ ڳڙڪائجي نہ وڃن.“


تڏهن اها عورت چوڻ لڳي تہ ”اڳئين زماني ۾ ائين چيو ويندو هو تہ ’وڃي ابيل شهر مان صلاح مصلحت وٺو،‘ اهڙيءَ طرح ڳالهہ جو فيصلو ٿيندو هو.


يوآب ورندي ڏيئي چيس تہ ”هرگز نہ! خدا نہ ڪري جو آءٌ ائين ڪريان ۽ هن شهر کي برباد ڪريان.


سو دائود جِبعونين کي چيو تہ ”آءٌ اوهان جي لاءِ ڇا ڪريان؟ ڪهڙيءَ طرح انهيءَ گناهہ جي تلافي ڪريان، تہ جيئن اوهين خداوند جي قوم لاءِ دعا گھرو؟“


اي خداوند خدا! تو ئي هنن کي ڌرتيءَ جي سڀني قومن مان چونڊي ڌار ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اهي تنهنجي ميراث ٿين، جيئن تو پنهنجي ٻانهي موسيٰ جي معرفت فرمايو هو جڏهن تو اسان جي ابن ڏاڏن کي مصر مان ٻاهر ڪڍي آندو هو.“


تہ جيئن آءٌ تنهنجي چونڊيلن جي خوشحالي ڏسان. هائو، تنهنجي قوم جي خوشي ڏسي آءٌ بہ شادمان ٿيان، ۽ تنهنجي ماڻهن سان گڏجي بيحد فخر ڪريان.


تہ جنهن وقت اهي اسان تي سخت ڪاوڙيا هئا، تنهن وقت اسان کي جيئرو ئي ڳڙڪائي وڃن ها.


بيشڪ اها قوم سڀاڳي آهي، جنهن جو معبود رڳو خداوند آهي. هن انهيءَ قوم کي پنهنجي ملڪيت ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي.


جتي هن ڦرن واريون رڍون ٿي چاريون، اُتان کيس ڪڍي آندائين، تان‌تہ هو ڌنار بڻجي سندس قوم بني يعقوب جي، هائو، پنهنجي خاص چونڊيل بني اسرائيل جي نگهباني ڪري.


بيشڪ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر يروشلم جي مال متاع سان پنهنجو پيٽ ڀري، يروشلم کي سکڻو ڀانڊو بڻائي ڇڏيو آهي، بلڪ انهيءَ کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو اٿائين. هو يروشلم کي ڳڙڪائي ويو، هائو، هو انهيءَ کي ازدها بلا وانگر ڳهي ويو.


آءٌ بابل وارن جي مردوڪ ديوتا کي سزا ڏيندس، ۽ جيڪو بہ مال پنهنجي پوڄارين جي وسيلي لٽي ڦري هو ڳهي ويو هو، سو آءٌ کانئس اوڳاڇرائيندس. اڳتي قومون هن جي پوڄا ڪرڻ ڇڏي ڏينديون. بابل جا ڪوٽ ڪرڻ وارا آهن.


تنهنجا سڀ دشمن تو تي ڦٽڪار ٿا ڪن، ۽ ڪتن وانگر تو تي گُرڪن ٿا. اهي ڏند ڪرٽي چون ٿا تہ ”اڄ اهو ڏينهن اچي ويو آهي، جنهن جا اسين طلبگار هئاسين، تہ اسين پنهنجي اکين سان انهيءَ شهر جي بربادي ڏسون. هاڻ اسان پاڻ انهيءَ کي ڳڙڪائي ڇڏيو آهي.“


آہ! پروردگار اسان بني يعقوب جي سڀني رهڻ وارين جاين کي ڪيڏو نہ ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، ۽ مٿن ڪو رحم نہ ڪيو اٿس. هائو، هن پنهنجي قهر وچان پياري يهوداہ ملڪ جا سمورا قلعي وارا شهر ڪيرائي برباد ڪري ڇڏيا آهن. هن سڄي بادشاهت ۽ سندس حڪمرانن کي خاڪ ۾ ملائي ذليل ڪري ڇڏيو آهي.


پروردگار دشمن بڻجي ويو آهي، ۽ اسان جي ملڪ کي بلڪل برباد ڪري ڇڏيو اٿس. هائو، هن اسان جا سڀيئي محلات ۽ قلعا ناس ڪري ڇڏيا آهن. هن يهوداہ جي پياري ملڪ ۾ اهڙو تہ ماتم ۽ روڄ راڙو وجھي ڇڏيو آهي، جيڪو ختم نہ ٿو ٿي سگھي.


زمين وات پٽيو ۽ هنن کي سندن گھر ٻار سميت ۽ قورح سان واسطو رکندڙ ماڻهن کي سندن مال ملڪيت سميت ڳهي ويئي.


جڏهن باهہ انهيءَ ٽولي جي اڍائي سؤ ماڻهن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو ۽ اهو ٽولو مري ويو، تڏهن زمين پنهنجو وات پٽيو ۽ انهن ٻنهي کي قورح سميت ڳهي ويئي. سو اهي عبرت جي لاءِ هڪڙو نشان بڻيا.


پوءِ جڏهن فاني ۽ مرڻ وارو جسم غير فاني ۽ دائمي زندگيءَ واري پوشاڪ پهري چڪو هوندو، تڏهن پاڪ ڪلام ۾ ڪيل هي قول پورو ٿيندو تہ ”موت نابود ٿي ويو، مڪمل فتح ٿي آهي.


جيستائين اسين هن جھوپڙيءَ ۾ رهندي بار هيٺان دٻيل آهيون، تيستائين ڪنجھندا پيا رهون. انهيءَ جو اهو مطلب نہ آهي تہ اسين موجودہ جسم کي ڇڏڻ ٿا چاهيون، بلڪ اسين آسماني گھر کي ان مٿان پوشاڪ وانگر پهرڻ ٿا چاهيون، تہ جيئن هي فاني جسم حيات ۾ بدلجي وڃي.


جڏهن اوهين ڪنهن شهر سان جنگ ڪرڻ لاءِ انهيءَ جي ويجھو پهچو، تڏهن پهريائين شهر وارن ڏانهن صلح جو پيغام موڪلجو.


جڏهن تہ خداوند جو حصو سندس قوم ئي آهي، هائو، بني يعقوب ئي سندس ورثي جو ڀاڱو آهي.


خاص ڪري بادشاهن ۽ سڀني اختياريءَ وارن لاءِ دعا گھرو، انهيءَ لاءِ تہ اسين پوري دينداريءَ ۽ سنجيدگيءَ سان امن ۽ سلامتيءَ واري زندگي گذاريون.


انهن حالتن سبب بني اسرائيل جا سمورا ڳوٺ ويران ٿي ويا هئا. تڏهن مون دبورہ اختيار سنڀالي بني اسرائيل کي ائين بچائي ورتو، جيئن ڪا ماءُ پنهنجي ٻارن کي بچائيندي آهي.


پوءِ سموئيل تيل جي دنگي کڻي سائول جي مٿي تي هاري ۽ کيس چمي ڏيئي چيائين تہ ”خداوند ئي تو کي تيل سان مسح ڪرائي مخصوص ڪيو آهي تہ جيئن تون سندس قوم بني اسرائيل جو حڪمران ٿئين. تون ئي خداوند جي قوم تي حڪمراني ڪندي کين آس‌پاس جي دشمنن کان بچائيندين. خداوند تو کي تيل سان مسح ڪرائي پنهنجي قوم جو حڪمران مقرر ڪيو آهي. تو لاءِ انهيءَ ڳالهہ جي نشاني هيءَ آهي تہ


سو اي منهنجا آقا بادشاهہ! هاڻي پنهنجي هن ٻانهي جي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن توهان کي خداوند منهنجي خلاف کڙو ڪيو آهي تہ پوءِ منهنجي ڏوهہ کي معاف ڪرڻ لاءِ شل هو نذرانو قبول ڪري. پر جيڪڏهن اهو ڪن انسانن جو ڪم آهي تہ شل اهي خداوند جي آڏو لعنتي ٿين، ڇاڪاڻ تہ انهن مون کي ملڪ مان ڀڄائي ڪڍيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي قوم ۾ منهنجو ڪو حصو نہ رهي ۽ مون کي چون ٿا تہ ’وڃي غير معبودن جي پوڄا ڪر.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ