Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 20:12 - Muslim Sindhi Bible

12 جيئن تہ عماسا جو رت ۾ ٻڏل لاش رستي جي وچ ۾ پيو هو، سو انهيءَ محافظ ڏٺو تہ سڀ ماڻهو ماٺ ڪيو بيٺا آهن ۽ جيڪو بہ انهيءَ هنڌ وٽ آيو ٿي سو بہ ماٺ ڪري اچي بيهندو ٿي ويو. تڏهن هو عماسا جي لاش کي رستي کان هٽائي پاسي ڏانهن گهلي ويو ۽ انهيءَ جي مٿان ڪپڙو وجھي ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ عماسا شاهي سڙڪ جي وچ ۾ پنهنجي رت ۾ ليٿڙيون پئي پاتيون. ۽ جڏهن انهيءَ ماڻهو ڏٺو تہ سڀ ماڻهو ماٺ ڪيو بيٺا آهن تڏهن هو عماسا کي شاهي سڙڪ تان کڻي ميدان ڏي ويو، ۽ جڏهن ڏٺائين تہ جيڪو ٿو انهي پاسي اچي سو ماٺ ڪري بيهندو وڃي تڏهن هن جي مٿان ڪپڙو وجهي ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 20:12
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ابي‌سلوم يوآب جي بدران عماسا کي لشڪر جي مٿان سالار مقرر ڪيو. عماسا اِترا نالي هڪڙي شخص جو پٽ هو جيڪو اسماعيل جي اولاد مان هو. اِترا جي زال جو نالو ابيجيل هو، جا ناحس جي ڌيءَ ۽ يوآب جي ماءُ ضروياہ جي ڀيڻ هئي.


پر عساهيل سندس پيڇو ڇڏڻ کان انڪار ڪيو. تڏهن ابنير نيزي جي پٺئين ڇيڙي سان هن کي پيٽ ۾ اهڙو ڌڪ هنيو جو نيزو منجھانئس لنگھي پٺيان نڪري ويو. هو اتي ئي ڪري پيو ۽ مري ويو. پوءِ جنهن هنڌ عساهيل مئو پيو هو، انهيءَ هنڌ جيڪي ماڻهو ايندا ٿي ويا سي ماٺ ڪري بيهندا ٿي ويا.


يوآب جي محافظن مان هڪڙو عماسا جي لاش وٽ ٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو تہ ”جيڪو يوآب سان راضي آهي ۽ جيڪو دائود جي پاسي آهي، سو يوآب جي پٺيان لڳي پئي.“


جڏهن لاش رستي تان هٽايو ويو تڏهن سڀيئي ماڻهو سبع جو پيڇو ڪرڻ لاءِ يوآب جي پٺيان روانا ٿيا.


پر تون بڇڙن کي برباديءَ جي کڏ ۾ ڪيرائيندين، تان‌تہ خوني ۽ ٺڳ ماڻهو پنهنجي اڌ عمر تائين بہ جيئرا نہ رهن. باقي اي خدا! منهنجي توڪل تو تي ئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ