Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 20:10 - Muslim Sindhi Bible

10 پر عماسا انهيءَ تلوار ڏانهن ڪوبہ ڌيان ڪونہ ڏنو جيڪا يوآب وري کڻي ڪري کاٻي هٿ ۾ جھلي. تڏهن هن اها عماسا جي پيٽ ۾ اهڙي تہ لنگھائي جو سندس آنڊا نڪري زمين تي اچي ڪريا. هو هڪدم مري ويو، سو يوآب مٿس ٻيو وار نہ ڪيو. پوءِ يوآب ۽ سندس ڀاءُ ابي‌شيءَ، سبع جو پيڇو جاري رکيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 پر جيڪا ترار يوآب کي هٿ ۾ هئي تنهن تي عماسا ڪوبہ ڌيان ڪونہ ڏنو: تنهنڪري هن اها سندس پيٽ ۾ لنگهائي وڌي، ۽ انهيءَ جا آنڊا ڪڍي زمين تي ڪيرائي وڌائين، ۽ وري ٻيو ڌڪ نہ هنيائينس؛ ۽ هو مري ويو. پوءِ يوآب ۽ سندس ڀاءُ ابيشيءَ، سبع بن بڪريءَ جي پٺيان پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 20:10
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ قابيل پنهنجي ڀاءُ هابيل کي چيو تہ ”هل تہ ٻنيءَ تي هلون.“ جڏهن اهي ٻنيءَ ۾ پهتا تہ قابيل پنهنجي ڀاءُ تي حملو ڪري کيس ماري وڌو.


پر عساهيل سندس پيڇو ڇڏڻ کان انڪار ڪيو. تڏهن ابنير نيزي جي پٺئين ڇيڙي سان هن کي پيٽ ۾ اهڙو ڌڪ هنيو جو نيزو منجھانئس لنگھي پٺيان نڪري ويو. هو اتي ئي ڪري پيو ۽ مري ويو. پوءِ جنهن هنڌ عساهيل مئو پيو هو، انهيءَ هنڌ جيڪي ماڻهو ايندا ٿي ويا سي ماٺ ڪري بيهندا ٿي ويا.


يوآب عماسا کي چيو تہ ”اي منهنجا ڀاءُ! تنهنجو ڪهڙو حال آهي؟“ پوءِ يوآب عماسا کي ساڄي هٿ سان ڏاڙهيءَ کان جھلي کيس چمي ڏيڻ لاءِ اڳتي وڌيو.


جڏهن ابنير حبرون ۾ موٽي آيو، تڏهن يوآب ساڻس اڪيلائيءَ ۾ ڳالهائڻ جي بهاني کيس هڪ پاسي دروازي واري وچين حصي ۾ وٺي ويو ۽ اتي پنهنجي ڀاءُ عساهيل جي خون جي عيوض هن کي پيٽ ۾ خنجر هڻي ماري وڌائين.


هنن جو تعلق بہ سائول واري بنيامين قبيلي سان هو. هو ساڄي يا کاٻي هٿ سان تير ۽ کانڀاڻيءَ سان پٿرن هڻڻ ۾ بہ ماهر هئا.


تڏهن اسماعيل پنهنجي ڏهن ئي ساٿين سميت اُٿي جِدلياہ کي تلوار جا وار ڪري ماري ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ اهو بابل جي بادشاهہ طرفان مٿن گورنر مقرر ڪيو ويو هو.


جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي نفرت وچان ڌڪو ڏئي يا لڪي وجھہ وٺي ڪا شيءِ مٿس اڇلائي وجھي ۽ هو مري پوي


تڏهن بني اسرائيل وري خداوند کي پڪاريو. سو هن سندن لاءِ هڪڙو ڇڏائيندڙ اٿاريو جنهن جو نالو اهود ولد جيرا هو. هو کاٻڙيو هو ۽ بنيامين قبيلي مان هو. بني اسرائيل هن جي هٿان موآب جي بادشاهہ عجلون ڏانهن ڏنُ ڏياري موڪليو.


تڏهن اهود پنهنجو کاٻو هٿ ڊگھيري پنهنجي ساڄي ران تي ٻڌل تلوار ڪڍي ۽ بادشاهہ جي پيٽ ۾ هنئي.


تڏهن ابي‌شيءَ دائود کي چيو تہ ”خدا اڄ تنهنجو دشمن تنهنجي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي، تنهنڪري مون کي اجازت ڏي تہ آءٌ سندس ئي نيزي جي هڪڙي ئي ڌڪ سان کيس ڌرتيءَ ۾ ٽُنبي ڇڏيان. آءٌ ٻيو ڀيرو ڌڪ نہ هڻندوسانس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ