Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 2:32 - Muslim Sindhi Bible

32 تڏهن يوآب ۽ سندس ماڻهن عساهيل کي کڻي بيت‌لحم ۾ سندس پيءُ جي قبرستان ۾ آڻي دفن ڪيو. پوءِ اهي سڄي رات پنڌ ڪندا پرهہ ڦٽيءَ مهل اچي حبرون شهر ۾ پهتا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 ۽ هنن عساهيل کي کڻي سندس پيءُ جي قبر ۾ دفن ڪيو، جا بيت الحم ۾ هئي. ۽ يوآب ۽ سندس ماڻهن اها سڄي رات پنڌ ڪيو، ۽ پرهہ ڦٽيءَ مهل حبرون ۾ پهتا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 2:32
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن يعقوب جي وفات جو وقت ويجھو آيو تڏهن پنهنجي پٽ يوسف کي پاڻ وٽ گھرائي چيائين تہ ”جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي آهي تہ پنهنجو هٿ منهنجي ران جي هيٺان رکي چئُہ تہ تون مون سان مهرباني ۽ وفاداريءَ جو سلوڪ ڪندي مون کي مصر ۾ دفن نہ ڪندين.


پر جڏهن آءٌ وڃي پنهنجن وڏن سان ملان، تڏهن مون کي مصر مان کڻي وڃي اتي دفن ڪجانءِ جتي هو دفن ٿيل آهن.“ يوسف جواب ڏنس تہ ”جيئن اوهين چئو ٿا تيئن ئي ڪندس.“


پر دائود جي ماڻهن بنيامين جي قبيلي مان ۽ ابنير جي ماڻهن مان ٽي سؤ سٺ ڄڻا ماريا هئا.


تنهن کان پوءِ بني اسرائيل جي سڀني قبيلن مان ماڻهو حبرون ۾ دائود وٽ آيا ۽ کيس چوڻ لڳا تہ ”ڏس، اسين تنهنجو هڏ رت آهيون.


هن کي انهيءَ قبر ۾ دفن ڪيو ويو، جيڪا هن دائود جي شهر ۾ پنهنجي لاءِ تيار ڪرائي ڇڏي هئي. هن کي انهيءَ بستري تي کڻي سمهاريائون جيڪو خوشبوين ۽ قسم قسم جي مصالحن سان ڀريل هو ۽ هن جي اعزاز ۾ تمام وڏو مچ ٻاريو ويو.


يهوسفط وفات ڪري ويو ۽ کيس سندس ابن ڏاڏن سان گڏ دائود جي شهر ۾ دفنايو ويو. سندس جاءِ تي سندس پٽ يهورام بادشاهہ بڻيو.


مها ڪاريگر عام ڪاريگرن کان وڌيڪ آهي، سو کانئس بادشاهن جي لاءِ ڪم ڪرايو وڃي ٿو. هائو، عام ماڻهن جو ڪم کانئس نہ ٿو ڪرايو وڃي.


جِدعون چڱي وڏي عمر ۾ وفات ڪئي ۽ کيس بني ابيعزر واري عفرہ شهر ۾ سندس پيءُ يوآس جي مقبري ۾ دفن ڪيو ويو.


تڏهن سائول هن کان پڇيو تہ ”اي جوان مرد! تون ڪنهن جو پٽ آهين؟“ دائود ورندي ڏنس تہ ”آءٌ اوهان جي ٻانهي بيت‌لحم واري يسيءَ جو پٽ آهيان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ