Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 2:26 - Muslim Sindhi Bible

26 تڏهن ابنير يوآب کي سڏي چيو تہ ”ڇا تلوار هميشہ تائين پيئي ڪُهندي رهي؟ ڇا تون نہ ٿو ڄاڻين تہ انهيءَ جو انجام تلخي ئي نڪرندو؟ پوءِ ڪيستائين تون ماڻهن کي منع نہ ڪندين تہ هو پنهنجن ڀائرن جو پيڇو ڪرڻ ڇڏي ڏين؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 تڏهن ابنير يوآب کي سڏي چيو تہ ترار هميشہ پئي کائيندي ڇا؟ تون ايترو نٿو ڄاڻين تہ پڇاڙيءَ ۾ ڪَڙائي پيدا ٿيندي؟ تڏهن ڪيستائين تون ماڻهن کي منع نہ ڪندين تہ هو پنهنجن ڀائرن جي پٺيان نہ پون؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 2:26
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي دائود قاصد کي چيو تہ ”تون وڃي يوآب کي همت ڏياري چئجانءِ تہ ’انهيءَ ڳالهہ جي ڪري تون دلگير نہ ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ جنگ ۾ ڪير بہ مري سگھي ٿو. شهر تي وڌيڪ زور سان حملو ڪر ۽ انهيءَ کي برباد ڪري ڇڏ.‘“


تڏهن ابنير يوآب کي چيو تہ ”ڪجھہ جوانن کي ڪڍ تہ اهي اسان جي اڳيان دوبدو مقابلو ڪن.“ يوآب وراڻيس تہ ”ڀلي ڪن.“


انهن مان هر هڪ پنهنجي سامهون ٿيندڙ کي منڍيءَ کان جھلي پنهنجي تلوار انهيءَ جي پاسي ۾ لنگھائي ڏني، تہ اهي چوويهہ ئي ڄڻا هڪ ئي وقت ڪري پيا. تنهنڪري جِبعون واري انهيءَ جاءِ کي حلقت‌هصوريم جو نالو ڏنو ويو.


هوڏانهن بنيامين قبيلي جا ماڻهو ابنير سان اچي مليا ۽ هڪ ٽولي ٿي هڪڙي ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي بيهي رهيا.


يوآب چيو تہ ”زندہ خدا جو قسم آهي تہ جيڪڏهن تون ايترو نہ چوين ها تہ هر ڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ جو صبح ٿيڻ تائين پيڇو ڪندو رهي ها.“


”اي ايوب! تون ڪيستائين پيو ڳالهائيندو رهندين؟ سمجھدار ٿيءُ ۽ هاڻي اسان جي ڳالهہ ٻڌ.


”ڪيستائين اوهين منهنجي جان جھوريندا رهندا؟ ڪيستائين پنهنجي ڳالهين سان اوهين مون کي وڍ ڏيندا رهندا؟


اي فاني انسانؤ! اوهين ڪيستائين پيا منهنجي بدنامي ڪندا؟ ڪيستائين اوهين بيهودگي پيا چاهيندا؟ ۽ ڪوڙ جي پٺيان هوندا؟


جھيڙي جي شروعات ائين آهي، جيئن ڪنهن درياءَ ۾ روڻ پئجي وڃي. تنهنڪري جھڳڙي ٿيڻ کان اڳ ئي جھيڙو ڪرڻ ڇڏي ڏيو.


پر جيڪڏهن اوهين نافرمان ۽ باغي ٿيندا، تہ پوءِ اوهان جي دشمنن جي تلوار اوهان کي ڳڙڪائي ويندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


تباهي مچائڻ وارا حملي ڪرڻ لاءِ بيابان ۾ کُليل ٽڪرين تي اچي پهتا آهن. اهي مون خداوند جي موتمار تلوار بڻجي هڪڙيءَ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين ملڪ کي ڳڙڪائي ڇڏيندا، ۽ ملڪ ۾ ڪوبہ سلامت نہ رهندو.


مون اجايو اوهان کي سزا ڏني، جڏهن تہ اوهين سڌريا ئي ڪونہ. اوهين پاڻ پنهنجن نبين کي شڪاري شينهن وانگر چيري ڦاڙي ڇڏيو آهي.


آءٌ ڪيستائين جنگ جو جوش ڏسان ۽ ڪيستائين نفيلن جا آواز ٻڌان؟


اهو ڏينهن خداوند قادرِمطلق خدا جو ڏينهن آهي، اهو بدلو وٺڻ جو ڏينهن آهي. انهي ڏينهن هو پنهنجي دشمنن کي سزا ڏيندو. سندس تلوار دشمنن کي ڳڙڪائي ڍءُ ڪندي، ايستائين جو اها هنن جو رت پيئندي پيئندي مست ٿي پوندي. انهيءَ سبب جو خداوند، قادرِمطلق خدا اتر واري ملڪ بابل ۾ فرات نديءَ جي ڪناري تي هڪڙي قرباني پيش ڪندو.


خداوند ٿو فرمائي تہ ”اي يرمياہ! تون مصر ۾ هي اعلان ڪر، بلڪ ان جي شهرن مجدال، نوف ۽ تحفنيس ۾ پڌرائي ڪر تہ ’اوهين جنگ لاءِ سنبري بيهو ۽ تيار ٿيو، ڇاڪاڻ تہ جنگ توهان جي آس‌پاس وارن کي ڳڙڪائيندي ٿي اچي.


سندن شهرن تي جنگ مڙهي ويندي، ۽ سندن پوڄارين جا اڳواڻ ماريا ويندا. سندن نافرمانين جي ڪري تلوار منهنجي قوم کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندي.


ٻئي ڏينهن هن بني اسرائيل جي ٻن ماڻهن کي پاڻ ۾ وڙهندي ڏٺو ۽ انهن ۾ ٺاهہ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي چيائين تہ ’اوهين پاڻ ۾ ڀائر آهيو، سو ڇو ٿا هڪٻئي سان وڙهو؟‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ