Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 2:22 - Muslim Sindhi Bible

22 تڏهن ابنير وري عساهيل کي خبردار ڪندي چيو تہ ”منهنجي پٺيان نہ اچ، ٻئي پاسي وڃ. تون مون کي ڇو ٿو مجبور ڪرين جو آءٌ تو کي ماري زمين تي ڪيرائي وجھان؟ پوءِ آءٌ تنهنجي ڀاءُ يوآب جي اڳيان ڪيئن منهن مٿي کڻي سگھندس؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 ۽ ابنير وري عساهيل کي چيو تہ منهنجي پٺيان نہ اچ، ٻئي پاسي وڃ: ڇو توکي ماري زمين تي ڪيرائي وجهان؟ پوءِ ڪيئن تنهنجي ڀاءُ يوآب جي اڳيان منهن مٿي کڻي سگهندس؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 2:22
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ابنير چيس تہ ”مون کان پاسو ڪر ۽ جوانن مان ڪنهن کي پڪڙي وڃي سندس هٿيار هٿ ڪر.“ پر عساهيل هن جو پيڇو ڪرڻ کان ڪين مڙيو.


جڏهن ابنير حبرون ۾ موٽي آيو، تڏهن يوآب ساڻس اڪيلائيءَ ۾ ڳالهائڻ جي بهاني کيس هڪ پاسي دروازي واري وچين حصي ۾ وٺي ويو ۽ اتي پنهنجي ڀاءُ عساهيل جي خون جي عيوض هن کي پيٽ ۾ خنجر هڻي ماري وڌائين.


جيڪو بار بار تنبيهہ ڪرڻ جي باوجود پنهنجي ضد تي قائم رهي ٿو، تنهن تي اوچتو ئي آفت اچي ڪڙڪندي، ۽ سندس وري ڪو چاڙهو نہ چڙهندو.


دنيا جو ڪاروهنوار گھڻو اڳ ئي مقرر ٿيل آهي. انسان ۾ اهڙي طاقت نہ آهي جو هو ان ۾ ڪابہ ردوبدل ڪري سگھي، ڇاڪاڻ تہ ڪوبہ ماڻهو انهيءَ سان مقابلو ڪري نہ ٿو سگھي جيڪو کانئس وڌيڪ زورآور آهي.


پوءِ سائول ميڪل کان پڇيو تہ ”تو مون سان ههڙي ٺڳي ڇو ڪئي، جو منهنجي دشمن کي ڀڄائي ڇڏيئِہ ۽ هو بچي ويو؟“ ميڪل سائول کي ورندي ڏني تہ ”هن مون کي چيو تہ ’مون کي وڃڻ ڏي نہ تہ آءٌ تو کي ماري ڇڏيندس.‘“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ