Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 2:13 - Muslim Sindhi Bible

13 هيڏانهن يوآب، جنهن جي ماءُ جو نالو ضروياہ هو، سو دائود جي ٻين چونڊ ماڻهن سان گڏ نڪري آيو. اهي ٻئي ٽولا جِبعون واري پهاڙي کوهہ وٽ اچي مليا. پوءِ هڪڙو ٽولو کوهہ جي هڪڙي پاسي رهي پيو ۽ ٻيو ٽولو ٻئي پاسي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ ضروياہ جو پٽ يوآب، ۽ دائود جا نوڪر نڪري ويا، ۽ جبعون جي ڍنڍ وٽ وڃي هنن کي گڏيا، ۽ هو ٻئي اُتي ويهي رهيا، هڪڙو ڍنڍ جي هڪڙي پاسي ۽ ٻيو ڍنڍ جي ٻئي پاسي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 2:13
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ضروياہ جا ٽي پٽ يوآب، ابي‌شي ۽ عساهيل اتي هئا. عساهيل ڊوڙڻ ۾ اهڙو تہ تکو هو جهڙو جھنگلي هرڻ.


يوآب بني اسرائيل جي سڄي لشڪر جو سپهہ‌سالار هو. بناياہ ولد يهويدع شاهي محافظن جو سالار هو.


جڏهن اهي انهيءَ وڏي پٿر وٽ پهتا جيڪو جِبعون ۾ آهي، تڏهن عماسا انهن سان ملڻ لاءِ آيو. يوآب کي ان وقت جنگ واري پوشاڪ پهريل هئي، جنهن جي مٿان هڪڙو ڪمربند چيلهہ سان ٻڌل هئس ۽ انهيءَ سان هڪڙي تلوار مياڻ ۾ پيل هئي. جيئن ئي هو اڳتي وڌيو تہ اها مياڻ مان نڪري زمين تي اچي ڪري.


”ٽيهن جو ٽولو“ وارن بهادرن ۾ هي شامل هئا: يوآب جو ڀاءُ عساهيل، بيت‌لحم کان الحنان ولد دودو،


يوآب جنهن جي ماءُ جو نالو ضروياہ هو، سو فوج جو سپهہ‌سالار هو ۽ يهوسفط ولد اخيلود شاهي منتظم هو.


پوءِ ادونياہ وڃي يوآب، جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي تنهن سان ۽ ابي‌ياتر ڪاهن سان صلاح مصلحت ڪئي ۽ هو ٻئي سندس مدد ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا.


تنهن کان سواءِ تون اهو بہ ڄاڻين ٿو تہ يوآب جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي، تنهن مون سان ڇا ڪيو، يعني بني اسرائيل جي لشڪرن جي ٻن سپهہ‌سالارن ابنير ولد نير ۽ عماسا ولد يتر سان ڇا ڇا نہ ڪيائين. هن کين قتل ڪيو، صلح جي وقت جنگ وارو رت وهايائين ۽ انهيءَ رت سان پنهنجو ڪمر پٽو ۽ پنهنجي جتي رڱيائين.


دائود چيو هو تہ ”جنهن بہ سڀ کان پهريان يبوسين تي حملو ڪري کين ماري وڌو سو ئي لشڪر جو سپهہ سالار ٿيندو.“ تڏهن يوآب جيڪو دائود جي ڀيڻ ضروياہ جو پٽ هو، تنهن پهريائين ڪاهہ ڪئي هئي، تنهنڪري هو ئي لشڪر جو سپهہ سالار بڻايو ويو.


انهن جون ڀينرون ضروياہ ۽ ابيجيل هيون. ضروياہ جا جملي ٽي پٽ هئا: ابي‌شي، يوآب ۽ عساهيل.


تڏهن هو پنهنجا سمورا ماڻهو ساڻ ڪري اسماعيل سان وڙهڻ لاءِ نڪتا. هو جِبعون واري پهاڙي کوهہ وٽ اچي کيس پهتا.


تڏهن اخيملڪ حتيءَ ۽ يوآب جي ڀاءُ ابي‌شيءَ جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي، تن ٻنهي کان دائود پڇيو تہ ”سائول جي خيمي‌گاهہ ۾ مون سان گڏجي ڪير هلندو؟“ تنهن تي ابي‌شيءَ ورندي ڏنس تہ ”آءٌ توهان سان گڏجي هلندس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ