Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 19:7 - Muslim Sindhi Bible

7 تنهنڪري هاڻي تون اُٿ، ٻاهر هلي پنهنجي لشڪر جي همت‌افزائي ڪر، نہ تہ آءٌ خداوند جو قسم کڻي ٿو چوان تہ جيڪڏهن تون ٻاهر نہ هلندين تہ اڄ رات ٿيڻ تائين تو وٽ هڪڙو بہ ماڻهو ڪين رهندو ۽ اها ڳالهہ تنهنجي لاءِ انهن سڀني آفتن کان وڌيڪ خراب هوندي، جيڪي جوانيءَ کان وٺي هن وقت تائين تو تي نازل ٿيون آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 تنهن ڪري هاڻي اُٿ، ۽ هلي پنهنجن ٻانهن سان خوش ٿي ڳالهاءِ: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند جو قسم ٿو کڻان تہ جي تون ٻاهر نہ هلندين تہ اڄ رات تو وٽ هڪڙو ماڻهو بہ ڪين ٽڪندو: ۽ اها ڳالهہ تنهنجي لاءِ سڀني خرابين کان بڇڙي ٿيندي، جي ننڍي هوندي کان وٺي هيستائين توکي پئي پهتيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 19:7
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن جي دل يعقوب جي ڌيءَ ديناہ سان لڳي ويئي. هو کيس پيار ڪرڻ لڳو ۽ ساڻس مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪيائين.


تون انهن کي پيار ٿو ڪرين جيڪي تو کي ڌڪارين ٿا ۽ انهن کي ڌڪارين ٿو جيڪي تو کي پيار ٿا ڪن. اڄوڪي ڏينهن تو اهو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي تہ سالار توڙي تنهنجا سپاهي، تنهنجي اڳيان ڪجھہ بہ ڪين آهن، ڇاڪاڻ تہ اڄ آءٌ ڏسان ٿو تہ جيڪڏهن ابي‌سلوم جيئرو هجي ها ۽ اسين سڀ مري وڃون ها تہ جيڪر تون ڏاڍو خوش ٿئين ها.


عوام جي گھڻائي ئي بادشاهہ جو شان آهي، باقي بنا عوام جي بادشاهہ جو ڪهڙو شان؟


سُست ماڻهو ڄڻ تہ ننڊ ۾ ٿو رهي، جنهن ڪري اهو بکون ٿو ڪاٽي.


اسان جو خدا فرمائي ٿو تہ ”تسلي ڏيو، منهنجي قوم کي تسلي ڏيو.


خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ”پر هاڻي ڏسو، آءٌ هن کي سمجھائيندس، ۽ ڌتاري بيابان ڏانهن وٺي وڃي ساڻس پيار سان ڳالهائيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ